ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي علائقي ناظم آباد ۾ غير قانوني پاڻي چوري ڪندڙ وڏو نيٽ ورڪ پڪڙيو ويو، واٽر ڪارپوريشن ۽ سنڌ رينجرز گڏيل ڪارروائي ڪندي ڳجهي سرنگن وسيلي لڳايل 8 غير قانوني ڪنيڪشن ڳولي ختم ڪري ڇڏيا، واٽر ڪارپوريشن جي ترجمان موجب ٽي مهينا اڳ ساڳئي هنڌ غير قانوني ڪنيڪشن ختم ڪيا ويا هئا پر ٻيهر پاڻي چوري ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ڪراچي جي ميئر مرتضيٰٰ وهاب ٻڌايو ته اينٽي ٿيفٽ ٽيم ڪارروائي دوران 8 غير قانوني ڪنيڪشن ختم ڪيا، جن مان روزانو لڳ ڀڳ 30 لک گيلن پاڻي چوريو پيو وڃي، هن چيو ته اهي ڪنيڪشن گهرن جي هيٺين حصي مان ڳجهي سرنگن وسيلي ڪڍيا ويا هئا، چوريل پاڻي نه رڳو شهري نقصان ۾ وجهي رهيو هو پر اداري کي به مالي ڌڪ ڏئي رهيو هو، مرتضيٰ وهاب وڌيڪ چيو ته سنڌ رينجرز ڪارروائي دوران مڪمل تحفظ مهيا ڪيو، جڏهن ته ملوث ماڻهن خلاف عدالت ۽ ٽريبونل ذريعي ڪيس هلايا ويندا، ميئر ڪراچي واضع ڪيو ته پاڻي چوري ۾ ملوث ماڻهن سان ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو ۽ سخت ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي.