پاڪ فوج جيڪو قدم کنيو اهو وقت جي ضرورت هئي: راڻا ثناءُ الله

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار ۽ سينيٽر راڻا ثناءَُالله، چيو آهي ته فيلڊ مارشل عاصم منير جي قيادت هيٺ بهار فوج دشمن کي عبرتناڪ سبق سيکاريو ۽ اهي ڪارروايون وقت جي گهرج هيون، فيصل آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران راڻا ثناءَُالله جو چوڻ هو ته هٿياربند فوج جيڪو قدم کنيو، اهو وقت جي ضرورت هئي، جڏهن 30،30 جنازا پڙهيا پيا وڃن ته سڄي قوم جي دل ۾ سوال اُٿندو ته جوان سپوتن جا جنازا ڪيستائين تائين پڙهيا ويندا، هن چيو ته هر دل ۾ جيڪي سوال هئا، ان جو جواب ڏنو وڃي ۽ اهڙو ئي موثر جواب ڏيڻ ضروري هو جيئن ڪالهه ڏنو ويو، راڻا ثناءُالله چيو ته هتي مان هڪ مذهبي جماعت جيڪو ”غزہ مارچ“ جي نالي تي احتجاج ڪري رهي آهي، ان سان عرض ڪندس ته توهان جي احتجاج دوران ڪجهه پرتشدد واقعا پيش آيا آهن، ان بابت مفتي منيب الرحمان، مولانا فضل الرحمٰن ۽ علامه طاهر اشرفي سميت ٻين اڳواڻن به ڳڻتي جو اظهار ڪيو، هن چيو ته هن وقت احتجاج جو موقعو نه آهي، جڏهن فوج پنهنجن شهيدن جي خون جو بدلو وٺي رهي آهي ته توهان ڀلي اسان جي نه ٻڌو، پر پاڪستان ۽ فوج سان گڏ بيهڻ گهرجي ۽ شهيدن سان گڏ رهي احتجاج کي ملتوي ڪريو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.