اسلام آباد (بيورو) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪ-افغان سرحد تي طالبان حڪومت جي بنا سبب فائرنگ ۽ حملو سنگين ڀڃڪڙي آهي، جڏهن ته پاڪستان جون جوابي ڪارروايون ”فتنه الخوارج“ ۽ “فتنه الهندستان“ سان واسطو رکندڙ دهشتگردن خلاف آهن، نجي ٽي وي موجب نائب وزيراعظم پاران جاري بيان ۾ پاڪ-افغان سرحد تي پيش آيل واقعن تي ڳري تشويش جو اظهار ڪيو ويو، پاڪستان جون جوابي ڪارروايون طالبان جي دهشتگردي واري ڍانچي خلاف آهن ۽ اهي ڪارروايون فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان جي دهشتگرد عنصرن کي نشانو بڻائڻ لاءِ آهن، هن چيو ته طالبان فورسز جي ابتڙ، پاڪستان پنهنجي دفاعي ڪاررواين ۾ وڏو احتياط اختيار ڪري رهيو آهي ۽ انهن جو هدف پرامن افغان شهري آبادي نه آهي، طالبان حڪومت کي گهرجي ته اهڙن دهشتگرد عنصرن خلاف پختا قدم کنيا وڃن، ڇو ته پاڪستان پنهنجي سرزمين، خودمختياري ۽ عوام جي تحفظ لاءِ هر ممڪن قدم کڻندو.
-
قبائلين جو افغان دهشتگردن خلاف هٿيار کڻڻ جو اعلان
پشاور (م ڊ) خيبر پختونخوا ۾ قبائلي عوام افغانستان جي حمايت يافته دهشتگردن خلاف هٿيار کڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو ، پشتو ۾ جاري هڪ آڊيو پيغام ۾ قبائلي نمائندن چيو آهي ته اهي افغان دهشتگردن خلاف پاڪ فوج سان گڏ ڪلهي سان ڪلهو ملائي بيٺل آهن، قبائلي ماڻهن جو چوڻ آهي ته ملڪ جو دفاع اسان جو فرض آهي ۽ اسان ڄاڻون ٿا ته ان جو تحفظ ڪيئن ڪجي، اسان اڳ به دهشتگردن کي سبق سيکاريو هو ۽ هاڻ به سيکارينداسين، واضح رهي ته تازو ئي پاڪ افغان سرحد تي افغانستان جي طرفان بنا جواز فائرنگ ڪئي وئي، جنهن جو پاڪ فوج طرفان سخت جواب ڏنو ويو ۽ افغان پوسٽن ۽ دهشتگردن کي وڏو نقصان پهتو، سيڪيورٽي ذريعن موجب افغان فورسز انگور اڊا، باجوڙ، ڪرم، دير، چترال ۽ بارام چاهه جي علائقن ۾ به بنا جواز فائرنگ ڪئي، جنهن جو مقصد دهشتگردن کي سرحد پار ڪرائڻ هو، رپورٽن موجب ڪيترائي افغان فوجي ۽ دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته طالبان لاش ۽ پوسٽون ڇڏي فرار ٿي ويا.
-
بهادر پٽن جانيون قربان ڪري بهترين مثال قائم ڪيو: محسن نقوي
اسلام آباد (م ڊ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پاڪستان جي 23 بهادر پٽن کي ڀيٽا پيش ڪئي آهي جيڪي افغان طالبان ۽ هندستان جي سرپرستي ۾ دهشتگردن جي بنا سبب فائرنگ ۾ شهيد ٿي ويا. گهرو وزير محسن نقوي شهيدن جي عظيم قربانين کي سلام پيش ڪيو ۽ زخمي فوجين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. هن شهيدن جي خاندانن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. محسن نقوي چيو ته پاڪستان جي بهادر پٽن وطن جي دفاع لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪري هڪ بهترين مثال قائم ڪيو، ۽ مان افغان طالبان ۽ هندستان جي سرپرستي ۾ دهشتگردن کي مناسب جواب ڏيڻ تي فورسز کي ڀيٽا پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته اسان جي بهادر سپاهين 200 کان وڌيڪ افغان طالبان ۽ هندستان جي سرپرستي ۾ دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. سيڪيورٽي فورسز جن افغان طالبان ۽ هندستان جي سرپرستي ۾ دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو اهي قوم جا هيرو آهن. گهرو وزير محسن نقوي چيو ته پاڪستان جي سلامتي ۽ دفاع لاءِ پنهنجيون جانيون قربان ڪندڙ بهادر پٽن جي قربانين کي هميشه ياد رکيو ويندو.
-
وزيراعظم سان وفاقي گهرو وزير جي اهم ملاقات
اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم شهباز شريف سان وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ملڪ جي اندرين سلامتي، امن امان جي مجموعي صورتحال ۽ دهشتگردي خلاف قدمن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون، نجي ٽي وي موجب ملاقات دوران وفاقي گهرو وزير محسن نقوي وزيراعظم کي ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال ۽ جاري سيڪيورٽي آپريشنن بابت بريفنگ ڏني، وزيراعظم شهباز شريف، وفاقي گهرو وزير ۽ سندس ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ، قانون جي بالادستي ۽ دهشتگردي جو مڪمل خاتمو حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، وزيراعظم هدايت ڪئي ته شهرين جي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ وڌيڪ منظم ۽ اثرائتا قدم جاري رکيا وڃن.