غير جمهوري ڪردارن کي روڪڻ لاءِ سهيل آفريدي کي کٽرائڻ چاهيون ٿا: پي ٽي آءِ

اسلام آباد/پشاور (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) خيبرپختونخواهه جي صدر جنيد اڪبر خان چيو آهي ته غير جمهوري ڪردارن کي روڪڻ لاءِ سهيل آفريدي کي بنا مقابلي چونڊرائڻ چاهيون ٿا. آچر تي خيبر پختونخوا اسيمبلي ۾ سياسي گرما گرمي عروج تي هئي. خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير جي عهدي لاءِ عمران خان پاران نامزد ڪيل اميدوار سهيل آفريدي پنهنجا ڪاغذ جمع ڪرائڻ کان پوءِ واضح پيغام ڏنو ته چونڊون آئين جي مطابق ٿي رهيون آهن ۽ ان ۾ ڪا به ٻاهرين مداخلت نه هجڻ گهرجي. وڏي وزير جي عهدي لاءِ چار اميدوار ميدان ۾ لٿل آهن. اميدوارن ۾ پي ٽي آءِ جو سهيل آفريدي، جي يو آءِ جو مولانا لطف الرحمان، پي پي پي جو ارباب زرڪ ۽ مسلم ليگ ن جو سردار شاهجهان شامل آهن. خيبرپختونخوا اسيمبلي جي اسپيڪر موجب، وڏي وزير جي چونڊ اڄ ٿيندي، جنهن کي باقاعده اسيمبلي جي ايجنڊا جو حصو بڻايو ويو آهي. مخالف ڌر جي پارٽين اعتراض اٿاريو آهي ته گورنر اڃا تائين استعيفيٰ قبول نه ڪئي آهي، جڏهن ته واپسي جا امڪان پڻ آهن. پاڪستان تحريڪ انصاف خيبر پختونخواهه ۾ نئين وڏي وزير جي چونڊ لاءِ پاڪستان مسلم (ن) کان مدد گهري ۽ صوبائي صدر جنيد اڪبر خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير جي چونڊ جي عمل ۾ سرگرم ٿي ويو. پي ٽي آءِ جي صوبائي صدر جنيد اڪبر خان جي اڳواڻي ۾ پي ٽي آءِ جي وفد وفاقي وزير امير مقام سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي. وفد ۾ قومي اسيمبلي جا ميمبر شير علي ارباب، علي خان جدون ۽ ڊاڪٽر امجد، ڪبير خان، ادريس خٽڪ، لئيق خان ۽ اڪرام کٽانا پڻ شامل هئا. جنيد اڪرم وفاقي وزير امير مقام کي درخواست ڪئي ته اهي ماضي جيان گڏجي فيصلا ڪرڻ جي اميد سان آيا آهن، ۽ انهن کي انهن مسئلن کي گڏجي منهن ڏيڻو پوندو جن مان اهي گذري رهيا آهن. پاڪستان تحريڪ انصاف کي اسيمبلي ۾ واضح اڪثريت حاصل آهي. موجوده حالتن ۾، خيبر پختونخوا وڌيڪ مشڪلاتن ۽ سياسي عدم استحڪام نٿو سهي سگهي، سهيل آفريدي کي بنا مقابلي وڏو وزير چونڊجڻ گهرجي. وفاقي وزير امير مقام پي ٽي آءِ وفد کي ٻڌايو ته، صوبي جي روايتن جي مطابق، اهي ٻين مخالف پارٽين سان ڳالهائيندا ۽ مرڪزي قيادت سان صلاح مشوري کان پوءِ انهن کي آگاهه ڪندا. پي ٽي آءِ جي صوبائي صدر جنيد اڪبر خان جي اڳواڻي ۾ هڪ وفد جي يو آءِ مرڪز جو دورو ڪيو، جتي وڏي وزير لاءِ بنا مقابلي چونڊ ڪرائڻ جي درخواست ڪئي وئي. پي ٽي آءِ جي وفد عوامي نيشنل پارٽي جي آفيس، باچا خان مرڪز جو به دورو ڪيو. جنيد اڪبر چيو ته جمهوري عمل ٿيڻ وارو آهي. اسان جمهوري عمل لاءِ جمهوري ماڻهن سان رابطو ڪري رهيا آهيون. اي اين پي جي صوبائي صدر ميان افتخار حسين چيو ته اي اين پي ڪنهن به غير آئيني ۽ غير جمهوري عمل جو حصو نه بڻجندي، اسان مرڪزي قيادت سان صلاح ڪرڻ کان پوءِ انهن کي آگاهه ڪنداسين. پي ٽي آءِ جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور کي هٽائڻ کان پوءِ مخالف ڌر جون پارٽيون صوبي ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ سرگرم ٿي ويون آهن ۽ هڪ گڏيل اميدوار آڻڻ تي غور ڪري رهيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.