پاڪستان ۽ افغانستان ڳالهين ذريعي مسئلو حل ڪن\ايران، سعودي عرب ۽ قطر

تهران/ رياض/ دوحه (م ڊ)  پاڪستان ۽ افغانستان ۾ جنگ بابت ايران، سعودي عرب ۽ قطر ڳالهين ذريعي مسئلي جو حل ڪڍڻ جي اپيل ڪئي آهي، ان سلسلي ۾ ايران پاڪستان-افغانستان تڪرار بابت  ٽياڪڙي جي آڇ  ڪئي آهي، ٻنهي ملڪن کي ڳالهين جو مشورو ڏنو ويو آهي، ايران پاڪستان ۽ افغانستان وچ وڌندڙ تڪرار تي گهڻي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ثالثي جي پيشڪش ڪئي آهي، ايراني پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته تهران ٻنهي ملڪن ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهي، ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي پنهنجي بيان ۾ چيو ته ايران خطي ۾ امن ۽ استحڪام جو خواهشمند آهي ۽ پاڪستان ۽ افغانستان ٻنهي کي فوري ڳالهين ذريعي تڪرار گهٽائڻ گهرجي، هن چيو ته هر ملڪ جي علائقائي خودمختياري ۽ سلامتي جو احترام لازمي آهي، ايران جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ٻئي ملڪ راضپو ڏين ته هو ٽياڪڙي ڪرڻ لاءِ تيار آهي ته جيئن سرحدي ڇڪتاڻ کي گهٽائي خطي ۾ امن بحال ڪري سگهجي، سعودي عرب پاران پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ سرحدي تڪرار تي ڳڻتي  ظاهر ڪئي وئي آهي، سعودي عرب جي پرڏيهي وزارت جي بيان موجب ٻنهي ملڪن کي گهرجي ته صبر، حڪمت ۽ ڳالهين ذريعي مسئلا حل ڪن ته جيئن علائقي ۾ امن ۽ استحڪام برقرار رهي، سعودي عرب جي حڪومت چيو آهي ته هو هر اهڙي علائقائي ۽ عالمي ڪوشش جي حمايت ڪندو، جيڪا خطي ۾ امن، سلامتي ۽ خوشحالي کي وڌائي، خاص طور تي پاڪستان ۽ افغانستان جي عوام جي ڀلائي لاءِ هجي، بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته سعودي عرب چاهي ٿو ته ٻئي ڀائر ملڪ پنهنجا لاڳاپا بهتر بڻائن ته جيئن ترقي ۽ خوشحالي ڏانهن اڳتي وڌي سگهن، پاڪستان ۽ افغانستان ۾ جاري ڇڪتاڻ تي قطر چيو آهي ته پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ علائقي جي امن ۽ استحڪام لاءِ سنجيده خطرو بڻجي سگهي ٿي، تنهنڪري ٻنهي ملڪن کي گهرجي ته صبر، ڳالهين ۽ سفارتي ذريعن سان پنهنجا تڪرار حل ڪن، پاڪ افغان سرحد تي افغان فورسز طرفان بنا جواز فائرنگ ۽ ان جي جواب ۾ پاڪستان  طرفان موثر ڪارروائي کانپوءِ قطر جي حڪومت جو به ردعمل سامهون آيو، قطري پرڏيهي وزارت هڪ بيان ۾ پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ وڌندڙ تڪرار تي گهڻي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو  ته ٻنهي ملڪن کي گهرجي ته صبر ۽ حڪمت عملي سان ڪم وٺن ۽ ڳالهين ۽ سفارتڪاري وسيلي مسئلا حل ڪن، بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته علائقي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي تمام ضروري آهي، ڇو ته جيڪڏهن حالتن کي سنڀاليو نه ويو ته ان جا اثر سموري خطي جي امن تي پئجي سگهن ٿا، قطري پرڏيهي وزارت وڌيڪ چيو ته قطر پاڪستان ۽ افغانستان جي عوام جي امن، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ پرعزم آهي، ۽ ٻنهي فريقي کي گهرجي ته موجوده حالتن کي وڌيڪ خراب ٿيڻ کان بچائين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.