افغان حڪومت دهشتگرد گروهن خلاف ڪارروائي ڪري:بلاول

ڪراچي (رپورٽر) چئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته افغان حڪومت کي گهرجي ته پنهنجي سرزمين تي موجود دهشتگرد گروهن خلاف پختي ڪارروائي ڪري ۽ علائقائي امن لاءِ ذميواري جو مظاهرو ڪري، ڊان نيوز موجب بلاول ڀٽو چيو ته بنا سبب جارحيت علائقائي امن، استحڪام ۽ گڏيل خوشحالي جي ڪوششن لاءِ سنگين خطرو آهي، هن چيو ته پاڪ فوج عزم، صبر ۽ پيشورانه مهارت سان افغان طالبان جي بي سبب حملن جو جواب ڏنو، دهشتگرد گروهه نه رڳو پاڪستان پر سڄي علائقي جي امن ۽ مستقبل لاءِ خطرو آهن، پيپلزپارٽي چيئرمين چيو ته پاڪستان هڪ پرامن، مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان جو خواهشمند آهي، ۽ پاڙيسري ملڪن سان سٺا لاڳاپا پاڪستان جي مستقل پاليسي آهي، بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته افغان حڪومت کي يقيني بڻائڻ گهرجي ته انهن جي سرزمين پاڪستان خلاف استعمال نه ٿئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.