اسلام آباد (م ڊ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي سرحد تي ائين ئي ورتاءُ ڪندو جيئن خودمختيار ملڪ ڪندا آهن، بارڊر تي باقاعده اميگريشن نظام هجڻ گهرجي، ائين نه ٿئي جو صبح اٿو، تڪو کائڻو آهي ته سرحد پار ڪري پشاور اچي وڃو. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته ٻن ٽن ڏينهن کان جيڪي واقعا ٿي رهيا هئا ان جو فطري رد عمل آهي، انهن کي اسان جي سرحد جو احترام ڪرڻ گهرجي، اسان انهن جي سرحد جو احترام ڪنداسين. خواجا آصف چيو ته اسان جو ايجنڊا اهو هجڻ گهرجي ته هتي موجود پناهگير واپس وڃن، جنگ ختم ٿي چڪي آهي، ماڻهو واپس ويا پر اهي اڃا تائين هتي ويٺا آهن.