ناڻي وارو وزير آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بينڪ اجلاسن ۾ شرڪت لاءِ روانو

اسلام آباد (م ڊ) ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بينڪ جي سالياني اجلاسن ۾ شرڪت لاءِ 6 ڏينهن جي دوري تي آمريڪا روانو ٿي ويو آهي. دوري  دوران هو آءِ ايم ايف، ورلڊ بينڪ، آءِ ايف سي ۽ ايم آءِ جي اي جي سربراهن سان ملاقاتون ڪندو ۽ عالمي بينڪ جي صدر اجي بنگا سان به ذاتي ملاقات ڪندو. اورنگزيب ايف بي آر جي ڊجيٽل سڌارن بابت علائقائي گول ميز ۾ شرڪت سان گڏ عالمي مالياتي ادارن ۽ ٿنڪ ٽينڪس سان گڏجاڻيون ڪندو، جتي پاڪستان جي معاشي امڪانن کي اجاگر ڪندو.

26 هين آئيني ترميم عدليه جي آزادي تي حملو آهي: ڪراچي بار

ڪراچي (رپورٽر)ڪراچي بار ايسوسيئيشن پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته عدليه جي آزادي جمهوري نظام جي بنياد آهي ۽ 26 هين آئيني ترميم عدليه جي آزادي تي سڌو حملو آهي. ڪراچي بار جي وڪيلن ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاج جو اعلان ڪيو آهي، ڪراچي بار، سنڌ بار ايسوسيئيشنن تي ڪارا جهنڊا هڻڻ جو به اعلان ڪيو ويو، ايسوسيئيشن ملڪ جي سڀني بار ايسوسيئيشنن کي هن احتجاجي تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ جي اپيل ڪئي آهي، ڪراچي بار ايسوسيئيشن سپريم ڪورٽ کان 26 هين ترميم خلاف فل ڪورٽ بينچ ٺاهڻ جو سخت مطالبو ڪيو ، ڪراچي بار جو خيال آهي ته ڪا به پارليامينٽ يا ايگزيڪيوٽو آئين جي بنيادي ڍانچي کي تبديل نٿو ڪري سگهي. وڪيلن آئين جي بالادستي ۽ عدليه جي آزادي لاءِ پنهنجي پرامن جدوجهد جاري رکڻ جو عزم ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته احتجاج آئين جي بالادستي بحال ٿيڻ تائين جاري رهندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.