هن سال 2025 جي امن جي نوبل انعام لاءِ جيتوڻيڪ آمريڪا جو موجوده صدر ڊونلڊ ٽرمپ به خواهش مند هو ۽ هن ويجهڙ اسرائيل غزه جنگ، روس يوڪرين ۽ ڀارت پاڪ جنگ ختم ڪرائڻ لاءِ جيڪي ڪوششون پئي ڪيون تنهن بابت چوڻ وارا اهو چئي رهيا آهن ته اصل ۾ اهي سڀ ڪوششون امن جو نوبل انعام ماڻڻ لاءِ ڪيون پيون وڃن پر ڊونلڊ ٽرمپ جو پوءِ به اهو خواب پورو نه ٿيو پر امن جو هي نوبل انعام وينزويلا جي جمهوريت لاءِ جدوجهد ڪندڙ ماريا ڪورينا ماچاڊو کي ڏنو ويو آهي.
رپورٽن موجب سوئيڊن جي رائل سوئيڊش اڪيڊمي آف سائنس جي سربراهه جورجين واٽن فريڊنس امن جي نوبل انعام جو اعلان ڪندي چيو ته هن سال امن جو نوبل انعام وينزويلا جي جمهوريت نواز اڳواڻ ماريا ڪورينا کي جمهوري حقن جي ويڙهه ڪرڻ ۽ آمريت خلاف جدجهد تي اهو اعزاز ڏنو پيو وڃي. جڏهن ته آمريڪا صدر ڊونلڊ ٽرمپ به ان خواهش جو اظهار ڪري رهيو هو ته 7 جنگيون ختم ڪرايون آهن ۽ دنيا اندر امن لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي ان ڪري کيس امن جو انعام ملڻ گهرجي. هوڏانهن پاڪستان به کيس امن جو نوبل انعام ملڻ جي سفارش ڪئي هئي. ان سان گڏ اسرائيل، ڪمبوڊيا، آرمينا ۽ آذر بائيجان جي حڪومتن به ٽرمپ کي امن جو نوبل انعام ملڻ جي حمايت ڪئي هئي پر ان باوجود ٽرمپ کي امن جو نوبل انعام نه ملي سگهيو جنهن جي ردعمل ۾ وائيث هائوس جي ترجمان ميار ڏيندي چيو ته نوبل انعام ڏيندڙ ڪمپنيءَ ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته اها سياست کي امن تي ترجيح ڏئي ٿي.جڏهن ته ٻئي پاسي امن جو نوبل انعام ماڻيندڙ عورت ماريا ڪورينا ماچاڊو زنده دليءَ جو مظاهرو ڪندي چيو آهي ته وينزويلا جي آزادي ۽ جمهوريت لاءِ صدر ٽرمپ جو اهم ڪردار آهي تنهن ڪري آئون پنهنجو هي ايوارڊ وينزويلا جي مصيبت سٽيل عوام ۽ صدر ٽرمپ جي نانءُ ڪريان ٿي.
اهو ته ٿيو ماريا ڪورينا جو پنهنجو خيال ۽ موقف پر اسان سمجهون ٿا ته امن جو نوبل انعام ماڻڻ جي حقدار جيئن ته ماريا ڪورينا ڄاڻائي وئي آهي ته اهو آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ لاءِ به سونهري موقعو آهي ته هو ماريا ڪورينا کان معلوم ڪري ته دنيا اندر امن ڪيئن قائم ڪري سگهجي ٿو ۽ مان ان سلسلي ۾ جيڪا ڪوشش ڪئي آهي سا حقيقي ۽ پائيدار امن آڻي به سگهي ٿي يا نه. ٻيو ته هن سال جڏهن هن امن نوبل انعام جو اعلان ٿيو آهي ته سڄي دنيا ۾ جنگي ماحول حاوي نظر اچي رهيو آهي. حقيقت ته اها به آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ ڀلي ڪيتريون به دعوائون ڪري پر هو مڪمل ۽ حقيقي امن قائم نه ڪرائي سگهيو آهي، جن 7 ملڪن جي جنگ ختم ڪرائڻ جي هو دعويٰ ڪري رهيو آهي اتي جنگ جي باهه اڃا ٻري رهي آهي. ڊونلڊ ٽرمپ ان جنگي باهه کي وسائڻ جون جيڪي به ڪوششون ڪيون آهن سي ”بنيادي“ گهٽ پر ”سياسي دٻاءُ“ تحت عارضي طور روڪرايون ويون آهن پر اهي به مڪمل طور تي اڃان بند ناهن ٿيون. اسرائيل جنگ بندي جي معاهدي جي معاملي ۾ پنهنجي موقف ۽ پاليسي تي قائم آهي، ڀارت جو پاڪستان خلاف جنگي جنون اڃان ختم ناهي ٿيو ۽ نئين سر پاڪستان کي ڌمڪيون ڏيندو رهيو آهي، ان کان علاوه افغانستان ۽ پاڪستان جي سرحدن تي به جنگي ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي ته ان جو مطلب اهو ئي ٿيو ته آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان دنيا اندر امن قائم ڪرڻ جون ڪوششون درست رخ ۾ نه پيون ٿين تنهن ڪري آمريڪا جي صدر کي هتي صلاح پيا ڏيون ته اهو امن لاءِ درست رخ ۾ ڪوششون ڪري ۽ ان معاملي ۾ ماريا ڪورينا کان به مدد وٺي سگهي ٿو جنهن ۾ ڪو عار محسوس نه ڪرڻ گهرجي يا کيس دنيا اندر امن قائم ڪرڻ واري ڪنهن ٿنڪ ٽينڪ جي ٽيم جو حصو بڻائي سگهي ته بڻائي جيئن سندس امن ڪرائڻ جون ڪوششون درست رخ ۾ ڪم ڪري سگهن ۽ ڪو نتيجو ڏئي سگهن.
هونئن ته ماريا ڪورينا جو سڄو پروفائيل عالم آشڪار آهي جنهن کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ سان به دنيا اندر امن قائم ڪرڻ واري پاليسي ٺاهڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. مثال طور هن هڪ هنڌ چيو آهي ته ”امن تڏهن پيدا ٿيندو آهي جڏهن قومن ۾ انصاف، برابري ۽ عزت هجي“ . اسان سندس ان خيال سان نه رڳو متفق آهيون پر دنيا اندر امن قائم ڪرڻ جو اهو ئي فيصلائتو نسخو ۽ قدم سمجهون ٿا ته دنيا اندر جيڪڏهن آمريڪا جو صدر ڊونلڊ ٽرمپ حقيقي معنيٰ ۾ امن قائم ڪرڻ چاهي ٿو ۽ جنگيون ختم ڪرڻ گهري ٿو ته پوءِ ان کي دنيا اندر انصاف، برابري ۽ عزت جو دستور لاڳو ڪرڻو پوندو ۽ سڀني ملڪن کي ان رستي، ان موقف ۽ ان پاليسيءَ تي آڻڻو پوندو. اهو ئي حقيقي رستو آهي جنهن سان دنيا اندر امن قائم ٿي سگهي ٿو. ان جي شروعات جيڪڏهن آمريڪا پاڻ کان شروع ڪري ۽ اهو دنيا جي سڀني ملڪن سان انصاف، برابري ۽ عزت سان پيش اچي ته هڪ ته ڇاکيس سوين امن جا نوبل انعام ملي سگهن ٿا.
اسان جو هميشه کان اهو خيال رهيو آهي ته رياستن ۽ حڪومتن جو ملڪن ۽ عوام ڏانهن ماءُ وارو رويو هئڻ گهرجي. رياستن ۽ حڪومتن جي اندر جيڪڏهن ممڪن هجي ها ته ماءُ واري دل رکي ڇڏجي ها يا وري ڀٽائي صاحب جي هن شعر جو هي روح اوتي ڇڏجي ها ته ”سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار، دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين.“ جيڪڏهن دنيا جو هر ملڪ سڄي عالم جي سلامتي جي ڳالهه ڪري هڪٻئي جي وجود کي تسليم ڪري، هڪٻئي جي جملي حقن جو خيال ڪري، جيئو ۽ جيئڻ ڏيو جي فلسفي تي هلي، برابري ۽ انصاف سان هلي عزت ۽ احترام کي قائم رکي ته هيءَ سڄي دنيا سراپا امن ٿي سگهي ٿي. سو ضرورت اهڙيون پرامن پاليسيون جوڙڻ جي آهي.