برصغير جي ثقافتي چٽساليءَ ۾، سماجي قدر ۽ روايتون ذاتي ۽ پيشوراڻي رابطن جي جوڙجڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون۔ اهڙي ئي ھڪ روايت نون آفيسرن، بيوروڪريٽن، ٽيڪنوڪريٽن، اڳواڻن، وائيس چانسلرن يا ٻين عملدارن جي آڌرڀاءُ ۽ ڀليڪار جون ريتون رسمون آهن ۔ ھر نئين مقرري ۽ بدليءَ تي اھي رنگ نظر اچن ٿا۔ جيتوڻيڪ اهي رسمون عزت، مهمان نوازي ۽ سماجي ڀائيچاري جي قدرن مان جنم وٺن ٿيون، پر ان جي نتيجي ۾ وقت جي قيمت ادا ڪرڻي پوي ٿي۔ اچو ته گڏجي ان تي ويچار ونڊيون ٿا ۽ انھن رسمن جي گهڻ رخي اثرن جو جائزو وٺون ٿا۔
ھڪ ته شروعاتي ڏينھن جڏھن اداري جي انتظام ڪاري اندر ۾ اوتڻ لاءِ اھم ھوندا آھن؛ انھي وقت اھو سڀ ڪجهه ٿي رھيو ھوندو آھي ۔ ٻيو سماجي ميڊيا ۽ ڊجيٽل مبارڪون ڪنھن به انسان جي ذھني ڪم تي ٻوجھه وڌائين ٿيون۔ ٽيون لاڳاپيل يا اڻ لاڳاپيل انسانن طرفان، صلاحون ڏيڻ جي هڪ لهر پيدا ٿئي ٿي۔ نتيجي طور، هيءَ روايت ادارتي ترقي ۽ اڳواڻيءَ جي ڪارڪردگيءَ کي بيخبري يا چڱي نيت ھوندي به ناڪاري طور اثرانداز ٿئي ٿي۔
عهدن جي عزت افزائي لاءِ رسمي ڀليڪار ڪرڻ جو تصور گهرو آهي۔ جڏهن ڪو نئون اڳواڻ ڪنهن اداري ۾ قدم رکي ٿو ـ چاهي اهو سرڪاري کاتو هجي، ڪارپوريٽ اداري هجي يا يونيورسٽي جهڙو علمي ادارو ـ ته کيس ڀلي ڪار چوڻ لاءِ ماڻھون وڏي تعداد ۾ متحرڪ ٿين ٿا۔ اهي سڀ مهمان، جن ۾ ساٿي/ ھم پيشہ ڪليگ، ماتحت، اڳوڻا شعباتي واسطيدار، مقامي شخصيتون ۽ ٻيا ، گلن جا ھار، گلدستا، ثقافتي تحفا جهڙوڪ اجرڪ، ٽوپي وغيره کڻي ايندا آهن۔ ڪڏھن ته دھل دما من سان پڻ استقبال ٿين۔ ھر ايندڙ ماڻھو يا وفد کي ڪجهه وقت ڏيڻ، چانھ وغيرہ پيئڻ ۽ اڄوڪي حالتن ۾ گڏجي فوٽو ڪڍائڻ، وقت وٺي ٿي۔ تلھي ليکي پھرين ڏينھن ۾ پندرھن وفد يا فرد اچن، ھر ڪنھن سان گھٽ ۾ ويھه منٽ انھن سڀني رسمن تي لڳن ته به ٽي سؤ منٽ ٿين ٿا، يعني پنج ڪم وارا ڪلاڪ، ادارتي ڏينھن جو اڌ کان وڌيڪ وقت! ٻن هفتن ۾ اهو وقت ڇهه ڪم ڪندڙ ڏينهن جي برابر ٿي وڃي ٿو۔ ساڳي وقت ۾ ذهني توانائي به خرچ ٿئي ٿي، ڇو ته مختلف ڳالهين ۾ بار بار ڌيان تبديل ڪرڻو پوي ٿو۔ نئين ادارتي سربراھ يا آفيسر لاءِ اهو وقت اصل ۾ ادارتي رپورٽن، عملي سان تعارفي ملاقاتن ۽ حڪمت عمليءَ ۽ پاليسي پڙهڻ، ٽيم سان رٿابندي ڪرڻ يا نئين لاڳاپن جي سڃاڻپ لاءِ استعمال ٿي سگهي پيو، اهو رسم ۾ ضايع ٿي وڃي ٿو۔
اهو لاڙو صرف يونيورسٽي جھڙن علمي ادارن تائين محدود نه آهي، پر بيوروڪريسي/افسر شاھي ۽ ٻين اڳواڻن جي عهدن ۾ پڻ عام آهي۔ ضلعي آفيسر کان خزاني جي آفيسر تائين، سڀني کي اهڙي ئي آڌر ڀاءُ “ اھڙا ڏينھن منھنجا مولا توکان مون گھريا ھئا” جي سرن ساڻ ڏسڻا ٿا پون ۽ عجيب ڳالهه اها آهي ته ڪڏهن وري ڪنهن کي اهڙي ڀليڪار نه ملي، ته هو ناراض ٿي پون ٿا۔ اهڙين روايتن جي ڪري گهڻا اهم انتظامي فيصلا به دير جو شڪار ٿين ٿا۔ ثقافتي طور تي اها مهمان نوازيءَ جي روايت سماجي ۽ معاشي لاڳاپن ۾ جوڙي ويئي آهي، پر اها گهڻو ڪري “وقت جي قيمت” کي نظرانداز ڪري ٿي .
ڊجيٽل دور جي مبارڪن جو طوفان
دنيا جو ڊجيٽل رنگ اڃان ڳوڙھو ۽ نشانبر ٿيندو وڃي ۔ ھاڻ ڀليڪار صرف ذاتي طور تي وڃي ملاقات جي صورت تائين محدود نه رهي آهي۔ سماجي رابطن جي پليٽفارمن جهڙوڪ واٽس اپ، لنڪيڊن، فيس بوڪ ۽ ايڪس (ٽيوٽر) تي نئين تقرريءَ جي خبر باهه وانگر پکڙجي وڃي ٿي۔ نئون آفيسر يا ادارتي اڳواڻ، اھڙن ڏينھن ۾ هزارين پيغامن سان صبح جو اٿندو آهي اھي پيغام، ڪي خلوص سان لکيل، ڪي رسمي، ۽ ڪي سماجي ته ڪي مطلب سان ڳنڍيل ته ڪي تعلق قائم ڪرڻ لاءِ ھوندا آھن۔
انهن سڀني پيغامن جو جواب ڏيڻ، يا گهٽ ۾ گهٽ پڙهڻ، هڪ نئين ذميواري بڻجي وڃي ٿو۔ هر روز 1 کان 2 ڪلاڪ صرف ڊجيٽل مبارڪن جا جواب ڏيندي وڃائجن ٿا، جيڪي هڪ مهيني ۾ 60 ڪلاڪن تائين وڃي پهچن ٿا. پيغام جو جواب ڏيڻ ضروري بڻجي وڃي ٿو، ڇو ته خاموشيءَ کي بي رخي يا وڏائي سمجهيو وڃي ٿو۔ اهو سڀ ڪيڏو نه عجيب آهي ته جيڪي پيغام خوشي لاءِ لکيا وڃن ٿا، اهي نئين اڳواڻ کي ذهني طور ٿڪائي ڇڏين ٿا، ۽ اصلي رابطن جي اهميت کي گهٽائي ڇڏين ٿا۔پاڪستان ۾ جتي سماجي ميڊيا جا استعمال ڪندڙ ڪروڙن ۾ آهن، ڊجيٽل ڀليڪار وارو طريقو، عام رواجي ڀليڪار کي ٽيڻو چئوڻوڪري ڇڏي ٿو ۔
صلاحون ۽ مشورا:
ڀليڪار جي انھن ريتن جو سڀ کان سنجيدہ ۽ ڪن حالتن ۾ اجايو بار وجھندڙ اڻ گھُريون صلاحون پڻ آھن۔ نئون اڳواڻ اڪثر ماڻهن جي نظر ۾ هڪ خالي ڪينواس هوندو آهي، جنهن تي هر ڪو پنهنجو نقش چِٽڻ يا ڇڏڻ چاهي ٿو۔ ھونءَ ته چڱائي جي ڳالهه ڪير به ڪري سگھي ٿو، پر عالمي تحقيق ۽ تجربا ٻڌائين ٿا ته ڪير بھتر صلاح ڏئي سگھي ٿو :
- لاڳاپيل تجربيڪار ماهر، جيڪي سالن کان ساڳي شعبي ۾ ڪم ڪري رهيا آهن؛ يا ڪري چڪا آھن اداري جا پراڻا عملدار، پروفيشنل، جيڪي اداري جي تاريخ ۽ چيلينجن کان واقف آهن؛ شعبي جا محقق يا تجزيا نگار، جيڪي تحقيق تي ٻڌل تجزيا ڪن ٿا؛ جنھن ۾ ادارتي اسٽريٽجڪ رٿابندي جا ڄاڻو، ادارتي ڪٿ ڪندڙ( SWOT سواٽ: مضبوط گُڻ،ڪمزوريون، ادارتي موقعا،۽ خطرن يا جوکم ڪندڙ وغيره
- اڳواڻي ۽ انتظام ڪاري ( انسٽيٽيوشنل ليڊرشپ اينڊ مينيجمينٽ) جي ماهرن جا مشورا؛
- واسطيدار ڌرين جا نمائندا، جيڪڏھن يونيورسٽي آھي ته شاگرد، استاد، ٻيا لاڳاپيل ملازم، اعلي تعليم جا ماھر وغيرھ ڊيٽا ۽ تحقيقي ثبوتن تي ڪم ڪندڙ ۽ علمي عملي ڏاھپ رکندڙ؛ نه ڪي ٻُڌي ڳالهه تي تبصرا ڪندڙ۔ پر حقيقت ۾، تجويزون گهڻو ڪري انهن کان اچن ٿيون، جيڪي ان شعبي سان لاڳاپيل به نه آهن ۽ نه ئي وٽن تجربي جي گهرائي آھي انھن مان گھڻائي ته روايتي خيرخواھن جي ھوندي آھي پر ڪجهه شايد پنهنجي موجودگي جو احساس ڏيارين ٿا۔ ان صلاح ڪاري ڪرت جي نتيجي ۾ ڪجهه اثر ٿين ٿا جيئن:وقت ضايع ٿئي ٿو؛ غير حقيقي اميدون پيدا ٿين ٿيون؛اڳواڻ جو ڌيان اصلي مسئلن کان هٽي وڃي ٿو؛ ادارتي سڌارن بدران نمائشي قدم کنيا وڃن ٿا؛ ۽ ماڻھن جو اُميدون وڌي وڃن ٿيون ۽ ڏھاڪن جا مسئلا ڏينھن ۾ نبيرو ٿيڻ لاءِ سوچڻ لڳن ٿا۔ اهو سڀ برصغير جي هڪ وڏي ثقافتي تضاد کي ظاهر ڪري ٿو: اسان جي سماج ۾ حيثيت جي عزت، اوچتو ئي “ھرپاسي کان هدايتن” جي شور ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي، جيڪا انتظام ڪاري ۽ ڪارڪردگي ٻنهي کي ڪمزور ڪري ڇڏي ٿي۔
ادارتي بهتريءَ تي اثر
ڀليڪار ۾ لڳل وقت جي قيمت رڳو اڳواڻ کي ادا نه ٿي ڪرڻي پوي، پر پوري اداري تي اثرانداز ٿئي ٿي۔ نئين اڳواڻ جي اچڻ سان، حالتون تبديلي لاءِ موافق ھونديون آھن ۽ ادارو ھڪ قسم جي سڌاري لاءِ تيار هوندو آهي، پر اهڙيون رسمون رفتار کي سست ڪري ڇڏين ٿيون ۽ ان تبديلي واري ماحول کي پڻ ماٺو ڪري ڇڏينديون آھن ۔ استقبال ۾ الجھيل اڳواڻي اڻ سڌي طرح اسٽيٽس ڪو/ جيئن جو تيئن واري حالت ۾ ڦاسي پوي ٿي۔ نفسياتي طور، اڳواڻ فيصلن جي ٿڪاوٽ ۾ مبتلا ٿي پوي ٿو؛ اقتصادي طور، هي غير پيداواري وقت ادارتي نقصان بڻجي وڃي ٿو۔ ترقي ڪندڙ/پذير ملڪن لاءِ، جتي هر قدم اڳتي وڌڻ ۽ عالمي چٽا ڀيٽي ۾ لاڳاپيل رھڻ لاءِ اهم آهي ۔
اچو متوازن رويو ڳوليون: ڀليڪاري ڪرت لاءِ ٻيهر سوچڻ جي ضرورت
ڏاھي ۽ ترقي يافته دنيا ۾ وقت جو قدر اتاھون آھي؛ اسان وقت زيان ڪندڙ بيپرواھ ملڪ آھيون ۔ سياستدانن کان وٺي وڏن عملدارن جي انتظار ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ دڦ ٿيو وڃن! ۽ ٻين ڪيترن ئي انتظاري ڪارج ۾ اسان وقت جي بي قدري ڪيون ٿا۔ انهن وقت جي نقصانن بابت ادارن کي نئين سوچ اختيار ڪرڻ گهرجي۔ هڪ منظم ”گروپ ڀليڪار“ يا ڊجيٽل acknowledgment پليٽفارم هن سلسلي کي مختصر ڪري سگهي ٿو۔ اڳواڻ پنهنجن تڪڙن پاڻمرادو پيغام جو جواب ڏيڻ وارو ڊجيٽل طريقو اپنائي سگهن ٿا ۔ضروري يا غير ضروري مشورن کي ڏسڻ لاءِ، ماهرن تي ٻڌل صلاحڪاري ڪاميٽي قائم ڪري سگهجي ٿي۔حقيقت ۾ مهمان نوازيءَ جو مطلب انھن رسمن ۾ نه، پر اڳواڻن کي موثر بڻائڻ ۾ آهي۔
”ڀليڪار جي وقت واري قيمت“ برصغير جي ثقافتي ورثي ۽ جديد انتظامي ضرورتن جي وچ ۾ هڪ تضاد کي ظاهر ڪري ٿي۔ جيڪڏهن اسان ان کي سڃاڻون ۽ درست رخ ڏيون، ته نوان اڳواڻ نه رڳو پنهنجو وقت بچائي سگهندا، پر ادارن کي به نئين توانائيءَ سان اڳتي وڌائي سگهندا۔ لانگ وائنڊنگ روڊ ڪتاب جي ليکڪ سائين حيدر ڀرڳڙي چواڻي ”مون کي ذاتي طور تي اهڙي قيمتي وقت جي ضايع ٿيڻ جو احساس ٿيندو رھيو آھي۔۔ اھو وقت جيڪو اداري جي اهم مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ تعليمي ڪارڪردگي ۽ تحقيق کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ ضروري هو. آئون جاپان جي اوساڪا يونيورسٽي جي اعليٰ معيار کان متاثر ٿيو آھيان، ڇاڪاڻ ته ان جو پروفيسر طب جي تحقيق ۾ نوبل انعام حاصل ڪندڙ ٽن مان هڪ آهي… اسان وٽ اھو ڇو ممڪن نه آھي ان تي سوچڻ گھرجي“