اسلام آباد (بيورو) سينيٽ چئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته مون ڀارتي وفد سان هٿ ملايو هو ۽ اڃا به هٿ ملائڻ لاءِ تيار آهيان، اهي ڳالهيون هن بارباڊوس ۾ ٿيندڙ 68هين ڪامن ويلٿ پارلياماني ڪانفرنس جي اجلاس دوران ڪيون، جتي هن اهو تاثر سختي سان رد ڪيو ته هن ڀارتي وفد سان هٿ ملائڻ کان انڪار ڪيو هو، يوسف رضا گيلاني چيو ته مون ڀارتي وفد سان هٿ ملايو هو ۽ جيڪڏهن ضرورت پئي ته هن مهل به هٿ ملائڻ لاءِ تيار آهيان، انهن جي هن مثبت جواب تي هال تاڙين سان گونجي اُٿيو ۽ شرڪت ڪندڙن سندس برداشت، فراخدلي ۽ بهترين سفارتي رويي جي ساراهه ڪئي،پنهنجي خطاب ۾ گيلاني چيو ته اڄ جي ڳنڍيل دنيا ۾ اسان جو گڏيل عزم ئي اهو طئي ڪندو ته اسين جمهوري زوال، موسمي تبديلي، مصنوعي ذهانت جي وڌندڙ اثر ۽ جمهوري ادارن جي تحفظ جهڙن چئلينجن کي ڪيئن منهن ڏيون ٿا، هن وڌيڪ چيو ته ڪامن ويلٿ جا گڏيل قدر، جيڪي ڪامن ويلٿ چارٽر ۽ ليٽيمر هائوس پرنسپلز ۾ بيان ڪيا ويا آهن، اهي ئي عالمي چئلينجن سان مقابلي ۾ اسان جي وڏي طاقت آهن، اقليتن بابت هڪ سوال جي جواب ۾ گيلاني چيو ته پاڪستان ۾ اقليتن جي ڀلائي ۽ تحفظ لاءِ اهم قدم کنيا ويا آهن.