ٽي ايل پي جي احتجاج سبب راولپنڊي ڪنٽينر سٽي بڻجي ويو، زندگي مفلوج

راولپنڊي (م ڊ) تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي امڪاني احتجاج سبب شهر کي مڪمل طور ڪنٽينر سٽي بڻايو ويو آهي، جتي 37 کان وڌيڪ هنڌن تي داخلي ۽ خارجي رستا بند ڪيا ويا آهن۔ مري روڊ، فيض آباد ۽ ٻين علائقن ۾ ٽريفڪ معطل آهي، جڏهن ته ميٽرو بس ۽ موبائل انٽرنيٽ سروس پڻ بند آهي. پوليس موجب 6 هزار کان وڌيڪ اهلڪار مقرر آهن.  انتظاميا 4 ڏينهن لاءِ سيڪشن 144 لاڳو ڪري ڇڏيو آهي. رستن جي بندش سبب شهرين، شاگردن ۽ مريضن کي سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻو پيو، جڏهن ته تعليمي ادارا، هوٽل ۽ بينڪون به بند آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.