اسلام آباد (م ڊ) گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته غزا ۾ امن معاهدي جو جشن جاري آهي ۽ فلسطينين شڪراني ۾ سجدو ڪيو آهي، پوءِ پاڪستان ۾ احتجاج جو جواز ڇا آهي؟ اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته لاهور ۾ تحريڪ لبيڪ پاڪستان (ٽي ايل پي) جي 2 هزار ڪارڪنن کي روڪڻ حڪومت لاءِ ڪو مسئلو ناهي، پر گهٽ ۾ گهٽ طاقت استعمال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. رياست کي ڪنهن به گروهه طرفان بليڪ ميل نه ڪيو ويندو، پرامن احتجاج هر شهري جو حق آهي پر ڏڦيڙ جي اجازت نه ڏني ويندي. طلال چوڌري چيو ته ٽي ايل پي اڳ به قومي ملڪيتن تي حملا ڪيا، حڪومت فسادن کي برداشت نه ڪندي، قانون لاڳو ڪيو ويندو ۽ احتجاج ڪندڙ اڳواڻن کي نقصان جو ذميوار بڻايو ويندو.
دهشتگردي خلاف نئين پاليسي جا افغانستان سان لاڳاپن تي اثر پوندا