سنڌ جي وسيلن تي قبضي لاءِ سازشون ڪيون پيون وڃن:قومپر ست اڳواڻ

حيدرآباد ( پ ر) جيئي سنڌ رھبر ڪميٽي جو سربراهي اجلاس رهبر ڪميٽي جي سربراھ نواز خان زئور جي صدارت  هيٺ سخي ستار ڏنو چولياڻي هائوس حيدرآباد تي ٿي گذريو. جنهن ۾ جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو، جسقم بشير خان جي سربراھ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، جيئي سنڌ تحريڪ جي جنرل سيڪريٽري راول ڪرناڻي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ٽوڙي ڦاٽڪ جي شهيدن جي ڏهاڙي جي موقعي تي رهبر ڪميٽي پاران واقعي واري هنڌ ٽوڙي ڦاٽڪ تي رهبر ڪميٽي جي قيادت گڏيل حاضري ڀريندي. ان موقعي تي واقعي واري هنڌ تي گلن جي ورکا ڪرڻ سان گڏ شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي ويندي. ان سان گڏ شهيدن جي مزارن تي پڻ گڏيل حاضريون ڀريون وينديون. اجلاس قومي فڪر ۽ قومپرستي جي واڌ ويجهه لاءِ فڪري ڪم ڪرڻ لاءِ نظرياتي ڪميٽي جوڙي وئي. نظرياتي ڪميٽي نواز خان زئور، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ نواز شاه ڀاڏائي تي مشتمل هوندي. اجلاس جي پڌرائي موجب اجلاس ۾ سياسي موقف جاري ڪندي چيو ويو ته مني صدي گذرڻ باوجود ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني قائم ٿي نه سگهي آهي. ڪرپٽ، بدعنوان ۽ عوام دشمن مافيائن کي ماڻهن کي مسلط ڪيو ويو آهي. جنهن ڪري محڪوم قومن خلاف ڦرلٽ جو نظام جاري آهي. وسيلن کي عوام جي ترقي تي خرچ ڪرڻ بجاءِ غيرترقياتي پاسن تي صرف ڪرڻ ڏانهن موڪليو ويو آهي. جمهوريت، عوامي ترقي ۽ انساني حق هن رياست جي ڪڏهن به اوليت نه رهيا آهن. جيڪو عمل ڪنهن به طور قبول نه آهي. سنڌ جي ناڻي، پاڻي، معدنيات ۽ زمينن تي والار لاءِ مختلف سازشون ڪيون پيون وڃن. جن کي منهن ڏيڻ لاءِ سنڌ کي سياسي طور متحد ۽ متحرڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي. رهبر ڪميٽي سنڌ جي قومي حقن جي تحفظ لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکندي. اجلاس ۾ سنڌ ۾ انساني حقن جي لتاڙ ءَ جبري گمشدگين جي مذمت ڪندي چيو ويو تہ گهاري مان کنڀي گم ڪيل رياض ناهيون ء ٻين جبري گم ڪيل ماڻهن کي آزاد ڪيو ، اجلاس ۾ محمد علي خشڪ، پنهل ساريو، ڊاڪٽر خوشحال ڪالاڻي، پنهل جمالي، فقير رزاق انڙ، نذير شيخ ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.