راولپنڊي (م ڊ) تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي امڪاني احتجاج سبب شهر کي مڪمل طور ڪنٽينر سٽي بڻايو ويو آهي، جتي 37 کان وڌيڪ هنڌن تي داخلي ۽ خارجي رستا بند ڪيا ويا آهن۔ مري روڊ، فيض آباد ۽ ٻين علائقن ۾ ٽريفڪ معطل آهي، جڏهن ته ميٽرو بس ۽ موبائل انٽرنيٽ سروس پڻ بند آهي. پوليس موجب 6 هزار کان وڌيڪ اهلڪار مقرر آهن. انتظاميا 4 ڏينهن لاءِ سيڪشن 144 لاڳو ڪري ڇڏيو آهي. رستن جي بندش سبب شهرين، شاگردن ۽ مريضن کي سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻو پيو، جڏهن ته تعليمي ادارا، هوٽل ۽ بينڪون به بند آهن.