اسلام آباد (م ڊ) تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي 10 آڪٽوبر واري احتجاج جي اعلان کانپوءِ وفاقي انتظاميا ريڊ زون کي مڪمل طور سيل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ذريعن موجب مارگلا روڊ رڳو لاڳاپيل ماڻهن لاءِ کليل رهندو، جڏهن ته فيض آباد، ترنول ۽ گولڙا موڙ سميت داخلي رستن تي ڪنٽينر رکيا ويا. پوليس ٽي ايل پي ڪارڪنن خلاف وٺ پڪڙ شروع ڪري ڪيترن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ٻئي پاسي راولپنڊي ۾ ڊپٽي ڪمشنر حسن وقار چيما طرفان امن امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي 17 آڪٽوبر تائين قلم 144 لاڳو ڪيو ويو. ضلعي انتظاميه هر قسم جي جلسن، ريلين، ۽ گڏجاڻين تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي، جڏهن ته هٿيار کڻڻ، ڏڦيڙ ۽ موٽر سائيڪل تي ٻيلهه سواري تي به پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.