نوابشاهه (م ڊ) صدر آصف علي زرداري ڳوٺ الله بخش مگسي جو دورو ڪيو، جتي هن رئيس محبوب علي مگسي جي وفات تي وارثن سان تعزيت ڪئي، صدر آصف زرداري مرحوم جي ايثال ثواب لاءِ دعا ۽ فاتحه خواني ڪئي ۽ مرحوم جي فرزند آفتاب مگسي سميت ٻين وارثن سان دلي همدردي ۽ افسوس جو اظهار ڪيو، هن موقعي تي صدر پاڪستان سان گڏ صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار، صوبائي وزير حاجي علي حسن زرداري ۽ صوبائي وزير بلوچستان مير علي حسن بروهي پڻ موجود هئا،صدر پاڪستان آصف علي زرداري نوابشاهه ۾ پنهنجي اباڻي ڳوٺ بالو جا قبا جو دورو پڻ ڪيو، جتي هن پنهنجن والدين جي مزار تي حاضري ڏني ۽ قبرن تي گل نڇاور ڪيا ۽ فاتحه خواني ڪئي، صدر مملڪت جي انهن دورن کي مقامي سطح تي سياسي ۽ سماجي شخصيتن طرفان اهم قرار ڏنو ويو ۽ انهن کي باهمي لاڳاپن کي هٿي ڏيارڻ لاءِ مثبت قدم سمجهيو پيو وڃي.