فضل الرحمان پاران پنهنجا 10 ميمبر حڪومتي اتحاد جو حصو بڻائڻ جو امڪان

اسلام آباد (عاصما شيرازي) پاڪستان جي سياست ٻيهر هلچل جو شڪار آهي، خيبر پختونخوا ۾ قيادت جي تبديلي نه رڳو پاڪستان تحريڪ انصاف جي اندروني ڍانچي کي ڌوڏي وڌو آهي پر وفاقي سياست جي توازن کي به متاثر ڪرڻ لڳي آهي. امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته جمعيت علماءِ اسلام کي صوبي جي اقتدار ۾ حصو ڏيڻ جي بدلي مولانا فضل الرحمان پنهنجي 10 قومي اسيمبلي ميمبرن کي حڪومتي اتحاد جو حصو بڻائي سگهي ٿو جنهن سان حڪومت جي پارلياماني طاقت پيپلز پارٽي تي ڀاڙڻ کان سواءِ مضبوط ٿي ويندي. هن صورت ۾ پيپلز پارٽي جي سياسي اهميت ۽ سودي بازي جي گنجائش گهٽجي ويندي، خاص طور تي اهڙي وقت ۾ جڏهن ٻنهي جماعتن جي وچ ۾ رڳو عارضي سياسي جنگبندي قائم آهي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، جمعو 10 آڪٽوبر 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.