اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ ۾ سپر ٽيڪس ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس جمال مندوخيل رمارڪس ڏنا ته عدالت پارليامينٽ کان صلاح وٺي سگهي ٿي، ڇو ته قانون جي افاديت يا غير مناسب هجڻ جو فيصلو پارليامينٽ ڪري ٿي. پنج رڪني آئيني بينچ جي سربراهي جسٽس امين الدين خان ڪري رهيو هو، ٻڌڻي دوران وڪيل فروغ نسيم دليل ڏنو ته حڪومت کي رعايتن ۾ ترميم جي اجازت ڏيڻ آئيني حدن کي متاثر ڪري ٿو. جسٽس مندوخيل چيو ته حڪومت جي رعايت نه پر منافعي ۽ آمدني جي ڳالهه ٿي رهي آهي. عدالت سپر ٽيڪس بابت ڪيس جي ٻڌڻي اڄ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.