چاهيندي، نه چاهيندي به 26هين آئيني ترميم کي قبول ڪري ورتو آهي:جسٽس جمال مندوخيل

اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ ۾ 26هين آئيني ترميم خلاف درخواستن تي ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪئي وئي. سپريم ڪورٽ جي جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ 8 رڪني آئيني بينچ 26هين  آئيني ترميم خلاف درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي. وڪيل منير اي ملڪ فل ڪورٽ جي قيام بابت دليل مڪمل ڪري ورتا، وڪيل عابد زبيري دليل شروع ڪيا. وڪيل منير اي ملڪ دليل ڏيڻ شروع ڪيا ته جسٽس جمال مندوخيل پڇيو ته ڇا فل ڪورٽ يا لارجر بينچ ٺاهڻ لاءِ موجوده بينچ پابند آهي يا رڳو هڪ درخواست آهي؟ منير اي ملڪ موقف اختيار ڪيو ته فل ڪورٽ لاءِ موجوده بينچ طرفان ڊائريڪشن ڏيڻ جي استدعا آهي، سپريم ڪورٽ ۾ آئيني بينچ قائم آهي، سپريم ڪورٽ جي سڀني ججن تي ٻڌل بينچ درخواستن تي ٻڌڻي ڪري. منير اي ملڪ موقف اختيار ڪيو ته عدالتي اختيارن ۽ عدالتي اختيارن جو دائرو ڌار ڌار شيون آهن، سپريم ڪورٽ ته فل ڪورٽ ئي آهي، آئيني بينچ سپريم ڪورٽ جو هڪ کاتو آهي. جسٽس مسرت هلالي پڇاڻو ڪيو ته موجوده بينچ پنهنجي اختيارن جي دائري تي ڪيئن فيصلو ڪري؟ آئين ۾ ترميم کان اڳ وڃڻو پوندو، ڏسڻو پوندو ته 26هين آئيني ترميم ڇو ٿي؟ مان سمجهان ٿو ته انهن ججن کي بينچ ۾ نه ويهڻ گهرجي جن جي 26هين آئيني ترميم کانپوءِ مقرري ٿي. جسٽس جمال مندوخيل رمارڪس ڏنا ته اسان 26هين آئيني ترميم کان اڳ جا آهيون، ڇا نون ججن کي ڪنهن ٻئي ملڪ مان آڻي لڳايو ويو آهي؟ جج عزت جوڳا آهن، ججن کي نه گهليو وڃي. ٻڌڻي دوران وڪيل منير اي ملڪ چيو ته آئيني هجي يا ريگيولر بينچ، ڪو فرق نٿو پوي، جڊيشل اختيار موجود آهن. جسٽس جمال مندوخيل رمارڪس ڏنا ته اختيارن جو دائرو ڇڏيو، اسان کي اهڙو رستو ٻڌايو جنهن ۾ سڀ جج بينچ ۾ ويهن. جسٽس امين الدين پڇيو ته موجوده آئيني بينچ ۾ شامل ججن جو ڇا ٿيندو؟ اسان گاريون به گهڻيون کاڌيون آهن؟ جسٽس جمال مندوخيل چيو ته سپريم ڪورٽ جي ججن چاهيندي نه چاهيندي به 26هين آئيني ترميم کي قبول ڪري ورتو آهي. عابد زبيري دليل شروع ڪيا ته جسٽس مسرت هاليل پڇيو ته اسان ڪنهن کي چئون ته فل ڪورٽ ٺاهي وڃي؟ وڪيل چيو ته عدالت پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي کي حڪم جاري ڪندي. عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڪهڙي فل ڪورٽ ٺاهي وڃي، ترميم کان اڳ يا ترميم کانپوءِ واري فل ڪورٽ؟ عابد زبيري چيو ته ترميم وقت فل ڪورٽ موجود هئي، ترميم کان اڳ واري فل ڪورٽ ٺاهي وڃي. تنهن کانپوءِ عدالت 26هين آئيني ترميم خلاف داخل درخواستن تي ٻڌڻي 13 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.