پ پ ۽ ن ليگ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ جي ڪوشش، وزيراعظم جو بلاول سان رابطو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو، جنهن دوران ٻنهي اڳواڻن سياسي صورتحال ۽ اهم قومي معاملن تي ڳالهيون ڪيون. وزيراعظم شهباز شريف، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو کي فون ڪيو، ۽ ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ موجودا سياسي صورتحال، ٻوڏ متاثرن ۽ پرڏيهي پاليسي بابت خيالن جي ڏي وٺ ٿي. وزيراعظم شهباز شريف ۽ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وچ ۾ ٽيليفوني رابطو ٿيو آهي، ٻنهي اڳواڻن سياسي صورتحال ۽ اهم قومي معاملن تي ڳالهيون ڪيون. وزيراعظم شهباز شريف، پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي فون ڪيو، جنهن دوران موجوده سياسي صورتحال، ٻوڏ ۽ پرڏيهي پاليسي تي ڳالهيون ٿيون. واضح رهي ته گذريل رات صدر آصف زرداري ۽ ن ليگ جي اڳواڻن وچ ۾ نوابشاهه ۾ ٿيل ملاقات دوران مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ هڪ ٻئي خلاف بيان بازي بند ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.