اسلام آباد (بيورو رپورٽ/م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته شهيدن پنهنجي رت سان لڪير ڇڪي ڇڏي آهي، هاڻ فيصلي جو وقت اچي ويو آهي، ۽ دهشتگردي خلاف هاڻ ٺوس ۽ فيصلائتا قدم کڻڻا پوندا. وفاقي ڪابينا جي اجلاس دوران ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته راولپنڊي ۾ آرمي چيف سان گڏ شهيد جي جنازي نماز ۾ شريڪ ٿيس ليفٽننٽ ڪرنل جنيد شهيد بهادريءَ ۽ جرئت جي تاريخ رقم ڪئي، جنهن خوارج جي فتني سان وڙهندي 19 دهشتگرد ماريا. صبح شهيد ميجر سبطين حيدر جي جنازي نماز ۾ شريڪ ٿيس۔ سندن خاندان جو جذبو قابل تحسين آهي، جن چيو ته ملڪ لاءِ هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. دهشتگردي ۽ خارجي عنصرن بابت وزيراعظم چيو ته اهي دوستن جي روپ وارا دشمن دهشت گردن جي سرپرستي پيا ڪن، خوارج افغانستان مان اچي پاڪستان ۾ دهشتگردي ڪن ٿا۔ جنهن ملڪ کين عزت ڏني، انهن انهيءَ ملڪ سان دشمني اختيار ڪئي. هن چيو ته شهيدن پنهنجو رت ڏئي هڪ لڪير ڇڪي ڇڏي آهي، هاڻ اسان کي وڌيڪ انتظار نه ڪرڻو پوندو۔ هاڻ فيصلو ڪرڻو آهي ته دهشتگردي جو پورو خاتمو ڪرڻو آهي.”جيڪڏهن دهشتگردي جو سر نه ڪُچليو ويو ته سڀني جي محنت ضايع ٿي ويندي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته 24 ڪروڙ عوام مڪمل اتفاق رکن ٿا ته انهن خوارجن جو هميشه لاءِ خاتمو ٿيڻ گهرجي، هاڻ باهه ۽ پاڻيءَ جو گڏيل راند وڌيڪ برداشت نه ٿيندي. وزيراعظم چيو ته ٽرمپ سان ملاقات ۾ هن چيو ته غزه ۾ فوري طور جنگبندي ٿيڻ گهرجي ۽ هن مون کان مدد گهري۔ ٽرمپ چيو ته مون اسرائيل کي خبردار ڪري ڇڏيو آهي ته الهندو ڪنارو ڪڏهن به الڳ نه ٿيندو. غزه ۾ امن لاءِ جيڪا اڳڀرائي ٿي رهي آهي، ان ۾ پاڪستان پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. چين پاڪستان جو پراڻو، سچو ۽ انتهائي قابل احترام دوست آهي، جنهن هر ڏکئي وقت ۾ ساٿ ڏنو آهي. جتي مان صدر ٽرمپ جو پاڪستان-ڀارت جنگ روڪڻ ۾ تاريخي ڪردار تي شڪريو ادا ڪريان ٿو، اتي چين جي احسانن کي به پاڪستان ڪڏهن نه وساريندو. سعودي عرب جو دورو تاريخي هو، ٻنهي ملڪن وچ ۾ دفاعي معاهدي کي سڄي قوم ساراهيو آهي.