پنجاب ۾ بلدياتي چونڊون ڊسمبر جي آخري هفتي ۾ ڪرائڻ جو اعلان

اسلام آباد (بيورو) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پنجاب ۾ بلدياتي چونڊون ڊسمبر 2025 جي آخري هفتي ۾ ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي، نجي ٽي وي چينلز جي رپورٽن موجب چيف اليڪشن ڪميشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ 5 رڪني ڪميشن ٻڌڻي ڪئي، سڪندر سلطان راجا چيو ته اسلام آباد ۽ پنجاب ۾ بلدياتي چونڊون نه ٿيڻ اسان لاءِ شرمناڪ صورتحال آهي، تنهن ڪري اڄ ئي فيصلو ڪرڻ ضروري آهي، اليڪشن ڪميشن جي فيصلي موجب پنجاب حڪومت کي پابند ڪيو ويو آهي ته هو چونڊن لاءِ سڀ ضروري تياريون مڪمل ڪري، ياد رهي ته 30 سيپٽمبر 2025 تي ٻڌڻي دوران اليڪشن ڪميشن پنجاب حڪومت جي سستي تي مايوسي جو اظهارڪيو هو، ڇاڪاڻ ته ٽن مهينن جي مهلت باوجود قانونسازي مڪمل نه ٿي سگهي، لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ جماعت اسلامي جي درخواست تي ٻڌڻي دوران به سوال اٿاريو ويو ته پنجاب واحد صوبو ڇو آهي، جتي اڃا تائين بلدياتي چونڊون نه ٿيون آهن، اي سي پي جي وڪيل ٻڌايو ته ٻين صوبن ۾ چونڊون ٿي چڪيون آهن، جڏهن ته پنجاب ۾ حدبنديءَ جو عمل ٽن ڀيرا مڪمل ڪيو ويو آهي، پرنئون قانون ٺاهڻ سبب عملدرآمد ۾ دير ٿي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.