معدنيات بابت ڏنل بيان تي وزيراعظم کان معافي وٺي ڇڏي\ايمل ولي

اسلام آباد/پشاور (بيورو/م ڊ) اي اين پي سربراهه سينيٽر ايمل ولي خان وزيراعظم شهباز شريف کان آمريڪا سان معدنيات بابت بيان تي سينيٽ ۾ ڪيل ڳالهه تي معافي وٺي ڇڏي آهي. سماجي رابطن واري پليٽفارم ايڪس تي ايمل ولي خان لکيو ته وزيراعظم شهباز شريف سينيٽ ۾ تقرير کان پوءِ کيس ملاقات لاءِ گهرايو، جيڪا آمريڪا جي دوري بابت بريفنگ هئي. هن چيو ته جيڪڏهن هو کلي عام تنقيد ڪري سگهي ٿو ته غلط اندازي تي معافي وٺڻ جي به همت رکي ٿو. ايمل ولي موجب ملاقات جي شروعات ۾ وزيراعظم معذرت ڪئي ته آمريڪا جي دوري کان اڳ پارليامينٽ ۾ وضاحت ٿيڻ گهرجي ها، جنهن تي هن جواب ڏنو ته سندس تقرير ۾ رڳو پارليامينٽ جي بالادستي جي ڳالهه ڪئي وئي هئي. وزيراعظم وضاحت ڏني ته فوجي سربراهه کي ڪجهه اسٽريٽجڪ سببن ڪري آمريڪا وٺي وڃڻو پيو، ۽ ٽرمپ کي معدنيات جو تحفو فیلڊ مارشل پنهنجي ذاتي خرچ سان خريد ڪيو هو، ان جو ڪنهن معاهدي سان تعلق ناهي. ايمل ولي چيو ته جيڪڏهن اها تصوير خيبرپختونخوا يا بلوچستان جي معدنيات سان لاڳاپيل ناهي ته هو معافي ٿو وٺي. هن زور ڏنو ته ٻنهي صوبن کي پنهنجي معدنيات تي حق آهي ۽ عوام کي ان عمل ۾ شامل ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.