پشاور (ويب ديسڪ) خيبر پختونخوا جي وڏيوزير علي امين گنڊاپور جي استعيفيٰ کانپوءِ اپوزيشن پارٽيون پنهنجو اميدوار آڻڻ لاءِ سرگرم ٿي ويون آهن.
ذريعن موجب، علي امين گنڊاپور جي استعيفيٰ کانپوءِ اپوزيشن جماعتن صلاح مشورا شروع ڪري ڇڏيا آهن ۽ پنهنجن اسيمبلي ميمبرن کي پشاور ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اپوزيشن پارٽين جا اڳواڻ اجلاس کانپوءِ اسيمبلي ميمبرن کي اعتماد ۾ وٺندا، جڏهن ته اپوزيشن طرفان نئين وزيراعليٰ جي چونڊ لاءِ اميدوار آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويندو، جڏهن ته جمعيت علماءِ اسلام (ف) جو قائد مولانا فضل الرحمان به پشاور ۾ موجود آهي.
ٻئي پاسي ميڊيا سان ڳالهائيندي وزيراعظم جي سڌ سماءُ بابت ڪو آرڊينٽر اختيار ولي خان چيو ته خيبرپختونخوا جي صورتحال تي اپوزيشن جي مشاورت جاري آهي ۽ وڏ وزارت لاءِ گڏيل اميدوار سامهون آندو ويندو.
ٻئي پاسي پي ٽي آءِ پارليمنٽيرينز جي جنرل سيڪريٽري ملڪ حبيب نور اورڪزئي ميڊيا ڳالهائيندي چيو ته وڏي وزير لاءِ اپوزيشن جي گڏيل اميدوار آڻڻ تي اسان جي جماعت به صلاح مشورا ڪري رهي آهي ۽ جيڪڏهن اسيمبلي ۾ اڪثريت ٿي ته جمعيت علماءِ اسلام (ف) جو اميدوار آڻي سگهجي ٿو، جڏهن ته اسان آزاد اميدوارن سان به رابطي ۾ آهيون.
You might also like