راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) ڊيرا اسماعيل خان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڀارتي حمايت يافتا دهشتگردن خلاف آپريشن دوران پاڪ فوج جو ميجر شهيد ٿي ويو.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، سيڪيورٽي فورسز ڊيرا اسماعيل خان جي علائقي درابن ۾ ڀارتي اسپانسرڊ فتنه الخوارج جي موجودگي جي اطلاع تي انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي فورسز جي فائرنگ جي نتيجي ۾ 7 ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب، خارجين سان فائرنگ جي ڏي وٺ دوران فرنٽ تان قيادت ڪندڙ ميجر سبطين حيدر شهادت ماڻي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته 30 ورهين جو شهيد ميجر سبطين حيدر جو تعلق ڪوئيٽا سان هو.
ڊي آءِ خان: سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن ۾ فتنه الهندوستان جا 7 دهشتگرد ماريا ويا، پاڪ فوج جو ميجر شهيد
You might also like