اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته سياسي بيانن جي ڪري پيپلزپارٽي سان لاڳاپا خراب نه ٿيڻ گهرجن. ذريعن موجب، وزيراعظم شهباز شريف اسلام آباد ۾ پارٽي اڳواڻن سان اهم اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ اسپيڪر اياز صادق، وفاقي وزيرن اعظم نذير تارڙ، احسن اقبال، طارق فضل چوڌري، راڻا ثناءُالله، راڻا تنوير حسين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ وچ ۾ سياسي تڪرار جي محرڪن جو جائزو ورتو ويو. ان حوالي سان پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ ن جي اڳواڻن جي ملاقاتن بابت اسپيڪر آگاهه ڪيو. وفاقي وزيرن جو موقف هو ته پيپلزپارٽي جو معاملو وفاق نه پنجاب سان آهي. وزيراعظم شهباز شريف پيپلزپارٽي جا خدشا ختم ڪرڻ ۽ اسپيڪر ۽ وفاقي وزيرن کي پيپلزپارٽي جي سينيئر قيادت سان ملاقاتون جاري رکڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ پيپلزپارٽي سان رابطا جاري رکڻ ۽ خدشا ختم ڪرڻ لاءِ مختلف آپشنن تي غور ڪيو ويو، پارٽي اڳواڻن ٻنهي طرفان تڪراري بيانبازي بند ڪرڻ جون تجويزون ڏنيون. ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف ان معاملي تي وزيراعليٰ مريم نواز سان به ڳالهائيندو.
You might also like