اسلام آباد(ع آ نيوز) وفاقي سطح تي حڪومتي اتحادي جماعتن جي وچ ۾ اختلاف شدت اختيار ڪري چڪا آهن، جڏهن ته پاڪستان پيپلز پارٽي (پي پي پي) پارليامينٽ جي اجلاسن لاءِ نئين حڪمت عملي تيار ڪري ورتي آهي، جنهن تحت مسلم ليگ (ن) جي حڪومت کي پارليامينٽ اندر “ٽف ٽائيم” ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.ذريعن موجب، پيپلز پارٽي اڄ کان ٿيندڙ قانونسازي تي سڌي ريت اثرانداز ٿيڻ جي پوزيشن ۾ اچي ويندي، ۽ نئين حڪمت عملي تحت حڪومت لاءِ قانونسازي جو عمل ڏکيو بڻايو ويندو. ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي فيصلو ڪيو آهي ته هو قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ٻنهي جا اجلاس متاثر ڪرڻ لاءِ ڪورم جي نشاندهي ڪندي. جيڪڏهن ڪورم مڪمل نه ٿيو ته پيپلز پارٽي اجلاس جو بائيڪاٽ ڪندي، جنهن سان قانونسازي جي عمل ۾ رنڊڪون پيدا ٿينديون. پارٽي ذريعن مطابق، پيپلز پارٽي پارليامينٽ ۾ ڪنهن به اهم قانونسازي جو حصو نه بڻجندي ۽ حڪومت جي هر بل کي چئلينج ڪندي. هي حڪمت عملي ان پسمنظر ۾ تيار ڪئي وئي آهي، جتي پنجاب ۽ سنڌ جي سطح تي مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽي جي وچ ۾ سياسي تڪرار وڌي چڪو آهي.چند ڏينهن اڳ، پيپلز پارٽي جي اڳواڻن مسلم ليگ (ن) تي الزام لڳايو هو ته هو اتحادي ڌرين کي "غلامن” جيان استعمال ڪري رهي آهي، جڏهن ته ن ليگ جي وزيرن ۽ ترجمانن پيپلز پارٽي تي "سياسي تماشو” لڳائڻ جو الزام هنيو هو. مريم نواز جي بيانن بعد پنجاب جي سياست ۾ ٻنهي جماعتن جا لاڳاپا وڌيڪ خراب ٿي ويا آهن.