ڪراچي ( رپورٽ: ذوالفقار راڄپر) سول سوسائٽي، وڪيلن، سرڪاري نمائندن، انساني حقن جي لاءِ جاکوڙيندڙ ڪارڪنن تشدد جي شڪار عورتن جي فوري قانوني مدد لاءِ عورتن خلاف صنفي فرق، تشدد ۽ قتل جي روڪٿام لاءِ سنڌ اسيمبليءَ، قومي اسيمبليءَ طرفان پاس ڪيل قانونن، آرڊيننس تي عمل ڪرڻ جا فوري طور قدم کنيا وڃن، اسڪولن، يونيورسٽين ۽ آفيسن، دڪانن، بس اڏن ۽ ريلوي اسٽيشنن تي عورتن جي تحفظ وارن قانونن جي ظابطن ۽ اصولن جا بورڊ ڳايا وڃن، ننڍي عمر جي شاديءَ جي روڪٿام لاءِ پوليس سميت ٻين ادارن جي مرد ملازمن جي تربيت ڪئي وڃي. ضلعن ۾ موجود انساني حقن جي ڪميشن ۾ عورتن ۽ کدڙن فقيرن جي به نمائندگي ڪئي وڃي عورتن جي تحفظ لاءِ موجود قانونن جي ڄاڻ کي عام ڪرڻ لاءِ اپاءَ ورتا وڃن،اها ڳالهه ڪالهه سينٽر فار پيس اينڊ ڊولپمينٽ انيشيٽوز( سي پي ڊي آئي) طرفان مقامي هوٽل ۾ عورتن خلاف تشدد جي خاتمي واري انصاف جي مدد فراهم ڪندڙ پروگرام تحت هڪ منعقد ٿيل ڊائلاگ پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڪئي وئي ان موقعي تي سنڌ جي عورتن ترقي واري وزير شاهينه شير علي چيو ته دارلامان مان موٽندڙ لاواث عورتن کي ڇت، ڀت ڏيڻ لاءِ هڪ ورڪنگ ويمن هاسٽلون تعمير ڪرڻ جو منصوبو ۽ تشدد ڌمڪين جي شڪار ٿيل کدڙن فقيرن لاءِ پڻ پناهه گاهون جوڙڻ جا منصوبا غورهيٺ آهن. هن چيو ته عورتن کي پيلي واسڪوٽي ڏيڻ بعد پيلي ٽيڪسي سروس ۽ وڌيڪ سفري سهولتون ڏيڻ لاءِ الڳ پيلي بسن بعد هاڻي عورتن کي خود بسن هلائڻ لاءِ ڊرائيونگ سيکارڻ ۽ کين ڊرائيونگ لائسنس ڏيڻ جي پاليسي جوڙي وئي آهي . هن وڌيڪ چيو ته سنڌ واحد صوبو آهي، جتي ننڍي عمر جي شادي جي روڪٿام لاءِ قانون سازي ٿي چڪي آهي، پر پنجاب ۾ شادي جي عمر 16 سال مقرر ڪرڻ ڪري ڪيترين ئي نابالغ نينگرين جا نڪاح پنجاب جي حدن ۾ ڪيا پيا وڃن. شاهينه شير علي چيو ته پيپلزپارٽي جي حڪومت شهيد بينظير ڀٽو جي فڪر تحت عورتن جي تحفظ ۽ ترقي جي لاءِ عورتن جي ڀلائي جي منصوبن تي ڪم ڪري رهي آهي. سنڌ پوليس جي انساني حقن جي سيل جي ڊي ايس پي ذوالفقار علي عباسي چيو ته سنڌ ۾ عورت ٿاڻن ۽ پوليس ۾ عورتن جو تعداد وڌائڻ تي ڪم ٿي رهيو آهي، هن وقت عورتن جا 9 پوليس ٿاڻا آهن، جڏهن ته صوبي جي 33 ضلعن ۾ عورت ٿاڻن جي ضرورت آهي، ان لاءِ في الحال جلد ٻين 20 عورت ٿاڻن کولڻ جو منصوبو مڪمل ٿيڻ وارو آهي, جڏهن ته صوبي اندر 40 عورتن ٻارن جي تحفظ سيل موجود آهن. پوليس ۾ کدڙن فقيرن جي ڀرتي جي پاليسي تي به ڪم ٿي رهيو آهي، سنڌ ويمن لائريس الائنس جي چيئرپرسن ايڊووڪيٽ شازيه نظاماڻي چيو ته ڪورٽن م عورت ججن جو تعداد وڌائڻ گهرجي، اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽي سطح تائين عورتن جي قانوني تحفظ وارن قانونن جي ڄاڻ لاءِ ان کي نصاب ۾ به شامل ڪيو وڃي، هر عورت جي گهر، گهٽي، آفيس تائين عورتن کي انصاف جي حاصلات کي آسان بڻايو وڃي، تعليمي ادارن، آفيسن ۽ دڪانن، هوٽلن، شاپنگ سينٽرن، بس اڏن ۽ ريلوي اسٽيشنن تي عورتن جي انصاف جي ڄاڻ ۽ حاصلات لاءِ عورتن جي تحفظ وارن قانونن جي اصولن ۽ ظابطن جا نوٽيس بورڊ لڳائڻ گهرجن. ان موقعي تي ايم پي اي ڊاڪٽر شارق جمال، ثمرين، سي پي ڊي آئي جي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر امبرين ڪنول، سي پي ڊي آئي جي صوبائي ڪوآرڊينيٽر عاطف علي، مختيار احمد، الطاف کوسو ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته عورتن جي قانوني مدد لاءِ هڪ جوڊيشنل اڪيڊمي به ضروري آهي ۽ ڪيترن ئي ججن کي عورتن جي قانوني تحفظ جي گهٽ ڄاڻ هوندي آهي عورتون سڀ کان وڌيڪ گهريلو تشدد جو شڪار ٿين ٿيون، انهن جي روڪٿام جو رستو عورتن جي تحفظ وارن قانونن تي عمل ڪرڻ وسيلي روڪي سگهجي ٿو.