ڊريپ پاران ٻن دوائن کي جعلي قرار ڏئي ضبط ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد (بيورو) ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان (ڊريپ) ٻن دوائن کي جعلي قرار ڏيندي انهن کي فوري طور ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڊريپ جي جاري ڪيل بيان موجب، “ايفاسٽن (Efaston)” ۽ “پيرا ڪيئر (Paracare)” ۾ فعال جزو موجود ناهي، جنهن سبب اهي دوائون علاج لاءِ ڪارگر نه آهن، نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته اهڙيون جعلي دوائون عوامي صحت لاءِ وڏو خطرو آهن، ڇو ته اهي علاج ۾ ناڪامي، بيماري وڌڻ ۽ جان ليوا نتيجن جو سبب بڻجي سگهن ٿيون، خاص طور تي انهن مريضن لاءِ جيڪي انهن تي علاج لاءِ ڀاڙين ٿا، ڊريپ عوام کي سختي سان هدايت ڪئي آهي ته اهي مٿي ڄاڻايل دوائون استعمال نه ڪن، جڏهن ته متاثر ٿيل بيچ نمبرن واريون دوائون فوري طور بند ڪيون وڃن، نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن مريض کي انهن دوائن جي استعمال کان پوءِ ڪا تڪليف پيش اچي ته هو فوري طور پنهنجي ڊاڪٽر يا طبي ماهر سان رابطو ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.