سنڌ جي سمورن کاتن جي ملازمن جي گڏيل اتحاد سنڌ ايمپلائيز الائنس جي پليٽ فارم تي تحريڪ جو آغاز ڪيو ۽ مرحليوار احتجاج ڪري سرڪار کي سنڌ جي سرڪاري ملازمن جا مسئلا ٻڌايا پر سرڪار جي ڪن تي جونءَ نه چري۔ ۔ بهرحال ڳالهيون ٿيون ۽ سياسي قبلي طرف نه اچڻ جو اعلان ڪيو ويو ۽ 6 آڪٽوبر تي سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ ملازمن جي مسئلن تي غور ويچار ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويندو۔ سڀ ملازم احتجاج ختم ڪري پنهنجي ڊيوٽين تي هليا ويا ۽ اجلاس جو انتظار ڪرڻ لاءِ لڳا۔ جڏهن اجلاس شروع ٿيو ته ملازم پنهنجا ڪم ڪار ڇڏي موبائل ۾ اکيون وجهي ويٺا رهيا ته ٽن مهينن واري مسلسل هلندڙ تحريڪ جا اجهو ٿا نتيجا ظاهر ٿين۔ ڇوته سنڌ ڪابينا جو هي اجلاس 35 ايجنڊائن تي مشتمل هو۔ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ صوبائي وزير، صلاحڪارن، خاص مددگارن، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه ۽ لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي۔ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪيترائي اهم فيصلا ڪيا ويا۔ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي صوبائي ڪابينا سرڪاري ملازمن جي بينيولنٽ فنڊ جي نوٽيفڪيشن کي مؤخر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو۔
سنڌ ايمپلائيز الائنس (SEA) طرفان 3 آڪٽوبر 2025 تي چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه کي جيڪو گهرجن جو چارٽر پيش ڪيو ويو تنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو هو ته سرڪاري ملازمن لاءِ بينيولنٽ فنڊ رڳو وفات يا معذوري بدران ريٽائرمينٽ جي وقت به ڏنو وڃي۔ ڪابينا هن مقصد لاءِ هڪ ڪميٽي قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو جنهن ۾ فنانس، جنرل ايڊمنسٽريشن، ايمپليمينٽيشن اينڊ ڪوآرڊينيشن، قانون ۽ ڊائريڪٽر بينيولنٽ فنڊ جا سيڪريٽري شامل هوندا۔ ڪميٽي بينيولنٽ فنڊ جي استعمال جي طريقيڪار تي غور ڪندي ۽ جنرل پروويڊنٽ فنڊ جي طرز تي سفارشون تيار ڪندي۔ ڪميٽي ملازمن جي حصيداري، ادائگي جي فارمولن، فائدي جي ڍانچي ۽ قانوني ترميمن بابت سفارشون ڪابينا کي پيش ڪندي۔اهو اعلان ٻڌندي ئي ملازمن جا ٻئي هٿ مٿي تي اچي ويا ۽ سوشل ميڊيا تي قيادت ۽ سنڌ سرڪار خلاف محاذ قائم ٿي ويو ته ڀرپور تحريڪ کي ماٺار ڪرائي سنڌ حڪومت ملازمن سان ويساهه گهاتي ڪئي آهي۔ اشرف خاصخيلي ۽ ان جي جڙيل ڪاميٽي ميمبرن سنڌ جي سرڪاري ملازمن سان ڌوڪو ڪيو آهي پنهنجي ڏنل موقف تان ڦري ويو ۽ حڪومت سان ٺھي ويو آهي ڪوئي مطالبو تسليم نه ڪرائي سگھيو ۽ ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو ان مان ظاھر ٿي ويو آهي ته ھنن جا ذاتي مفاد پورا ٿي ويا اشرف خاصخيلي جا سڀ واعدا ڪوڙا پاڻ به وڏو ڪوڙو آهي ان جا سڀ بيان به ڪوڙا ھئا۔
جڏهن ته اشرف خاصخيلي جو چوڻ هو ته چيف سيڪريٽري پنهنجو ڪيل وعدو پاڙيو آهي جنهن تي کيس مبارڪباد ڏيان ٿو۔ اسان ڪامياب ٿي ويا آهيون سمورا معاملا هن مهيني جي آخر ۾ حل ٿي ويندا۔ جذباتي ملازم صبر جو دامن پڪڙي اتحاد جي فضا قائم ڪن اگر سرڪار ٻه نمبري ڪئي ته اسان به استادن جا استاد آهيون. اُستاد جيڪو ھڪ روشن سماج جو اڏيندڙ آھي، ان سان ھر دور ۾ ويساهه گهاتيون ۽ ناانصافيون ڪرڻ سان اسان جي معاشري ۾ علم جو ڏيئو ڪيئن مُنوَر ۽ روشن ٿي سگهندو؟ ملازمن کي ھر وقت مسئلن جي ڄار ۾ ڦاسائي ذھني پريشانين ۾ وجهي کانئن قوم ۽ ملڪ جي ترقي لاءِ ڪهڙي اُميد رکي سگهجي ٿي؟ بهتر مُستقل ھميشه احتجاجن، ھڙتالن، بک ھڙتالن ۽ پوليس جي لاٺي چارج کي منھن ڏيڻ سان طئه ناهي ٿيندو بلڪه ملازمن کي بهتر سهولتون ڏيئي ادارن جي ترقيء لاءِ ڪم ڪري سگهجي ٿو۔سنڌ سرڪار کي ملادمن سان امتيازي سلوڪ ڪرڻ بجاءِ پيش ڪيل ڇهه مطالبا اوليت جي بنياد تي حل ڪرڻ گهرجن ته جيئن مايوس ٿيڻ بجاءِ نئين جوش ۽ جذبي سان پنهنجي ادارن ۾ پنهنجي ماڻهن جي خدمت ڪري سگهن۔