ڪشمير جي تاريخ جدوجهد ۽ مزاحمت سان ڀرپور رهي آهي. چيو وڃي ٿو ته ڪشميرين مغل راڄ کي به قبول نه ڪيو هو. سن 1586ع ۾ مغل بادشاهه اڪبر ڌوڪي سان ڪشمير جي بادشاهه يوسف شاهه چڪ کي هندستان سڏي گرفتار ڪري ڇڏيو هو. يوسف جي راڻي، حُبّه خاتون، جبلن ۽ ٻيلن ۾ وڃي وڙهي هئي ۽ جدوجهد جي هڪ نئين تاريخ لکي هئي ڪشميري معاملن جي ماهر بشير سدوزئي موجب، حُبّه خاتون ڪشميري ٻوليءَ ۾ اهڙي شاعري ڪئي جنهن ڪشميرين جي دلين ۾ جوش ڀري ڇڏيو. ان لحاظ سان، ڪشمير جي راڻي جي شاعريءَ کي برصغير هند و پاڪ جي پهرين مزاحمتي شاعري چئي سگهجي ٿو.ڪشميرين مهاراجه رنجيت سنگهه جي اقتدار کي به چيلينج ڪيو. گذريل صديءَ جي پهرين ٻن ڏهاڪن ۾ ڪشميرين جي ڊوگره راڄ خلاف جدوجهد، برصغير جي آزاديءَ جي تاريخ جو هڪ روشن باب آهي. شيخ عبدالله سڀ کان اڳ "آل انڊيا جمّو ڪشمير مسلم ڪانفرنس” قائم ڪئي، جيڪا پوءِ وڌندي "جمّو ڪشمير نيشنل ڪانفرنس” بڻجي وئي. شيخ عبدالله ۽ سندس ساٿين ڊوگره راڄ خلاف سالن جا سال جيلون ڪٽيون، ظلم سٺا، پر اصول تان نه هٽيا.شيخ عبدالله هڪ قوم پرست اڳواڻ هو، جنهن پاڪستان جي قيام وقت پاڪستان جي مخالفت ڪئي، پر ان جي باوجود جڏهن ڪشمير جي مسئلي تي آواز اٿارڻ لڳو ته ڀارتي حڪومت کيس سالن تائين قيد ۾ رکيو. 1947ع جي ورهاڱي کان پوءِ انگريزن ڄاڻي ٻجهي ڪشمير جو مسئلو پيدا ڪيو. چيو وڃي ٿو ته مهاراجه هري سنگهه پاڪستان سان الحاق بابت ڳالهين ۾ هو، ڇوتہ آل انڊيا مسلم ليگ پاڪستان ۾ رياستن جي خودمختياريءَ جي ضمانت ڏني هئي. پر اوچتو جڏهن قبائلي لشڪر ڪشمير ۾ داخل ٿي ڦرلٽ شروع ڪئي ته مهاراجه ڀارت سان الحاق جو فيصلو ڪري ڇڏيو—۽ اڄ تائين ڪشمير جو مسئلو حل طلب آهي.
پاڪستان جي ڪنٽرول هيٺ علائقي ۾ 1948ع کان “آزاد جمّو ڪشمير حڪومت” قائم آهي، جنهن جو پنهنجو آئين به آهي، پر حقيقت اها آهي ته آزاد ڪشمير جي حڪومت جا گهڻا فيصلا راولپنڊيءَ مان ٿين ٿا. هڪ دور ۾ سردار ابراهيم ۽ سردار قيوم جهڙا اڳواڻ تمام مقبول هئا، جڏهنتہ لبريشن فرنٽ جي اڳواڻ مقبول بٽ کي نئين دهلي جي تهاڙ جيل ۾ ڦاهي ڏني وئي، پر هو ڪشمير جي نوجوانن ۾ هڪ علامت بڻجي ويو. ستر واري ڏهاڪي ۾ جڏهن پاڪستان ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت قائم ٿي ۽ 1973ع جو آئين آيو، تڏهن 1974ع ۾ آزاد ڪشمير لاءِ هڪ عبوري آئين لاڳو ڪيو ويو. ان تحت هڪ خودمختيار حڪومت وجود ۾ آئي. وقت سان گڏ ڪيترين ترميمن سان هي آئين تبديل ٿيندو رهيو، جن مان اهم ترميم 2018ع ۾ ٿي، جنهن موجب ڪجھه شقن ۾ ترميم لاءِ پاڪستان جي حڪومت جي منظوري لازمي قرار ڏني وئي.
هڪ وقت هو، جڏهن پاڪستان جي سياسي پارٽين جون شاخون آزاد ڪشمير ۾ قائم نه هونديون هيون، پر پوءِ اها روايت ختم ٿي وئي. هاڻي آزاد ڪشمير اليڪشن ڪميشن ۾ رجسٽر ٿيل پارٽين ۾ آل جمّو ڪشمير نيشنل ڪانفرنس، پيپلز پارٽي آزاد ڪشمير، مسلم ليگ آزاد جمّو ڪشمير، لبريشن ليگ، جماعت اسلامي آزاد ڪشمير، تحريڪ انصاف آزاد ڪشمير، ايمڪيوايم ۽ ٻين پارٽين شامل آهن. اهو به ڏٺو ويو آهي ته جڏهن پاڪستان ۾ حڪومت بدلجي ٿي، ته آزاد ڪشمير ۾ به ساڳي تبديلي اچي ٿي. پاڪستان جي ڪنٽرول هيٺ ڪشمير ۾ کاٻي ڌر جا ڪيترائي گروپ به سرگرم آهن، جن مان “انقلابي ڪميونسٽ پارٽي” خاص ذڪر جي لائق آهي، جيڪا نوجوانن کي پنهنجي فڪر ڏانهن راغب ڪري رهي آهي.
روايتي طور مسلم ڪانفرنس، مسلم ليگ، پيپلز پارٽي ۽ تحريڪ انصاف اقتدار ۾ اينديون رهيون آهن، پر حقيقت اها آهي ته اڪثر اڳواڻ اسلام آباد ۾ ٿيندڙ سياسي تبديليءَ سان متاثر ٿي پارٽيون بدلائيندا رهيا، ۽ اهڙيءَ طرح ڪيترائي ئي اڳواڻ صدر، وزيراعظم ۽ وزير بڻيا، پر حڪومتن جي ڪارڪردگي عوامي اميدن مطابق ڪڏهن به نه رهي. نتيجي ۾ اهو تاثر وڌندو ويو ته حڪمران ڌريون عوام جا مسئلا نه، پر پنهنجن ساٿين ۽ حامين جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ دلچسپي رکن ٿيون.
گذريل ٻن سالن دوران اهو تاثر وڌيڪ مضبوط ٿيو. ان پسمنظر ۾ مقامي واپارين، وڪيلن، صحافين ۽ دانشورن گڏجي هڪ "ايڪشن ڪميٽي” ٺاهي. عام ماڻهو حڪومتن کان مايوس ٿي چڪو هو، تنهن ڪري اها تحريڪ آزاد ڪشمير ۾ پکڙجي وئي. احتجاجن جو سلسلو شروع ٿيو، ۽ آخرڪار حڪومت کي ايڪشن ڪميٽيءَ جا مطالبا مڃڻا پيا. بجليءَ جا ريٽ گهٽايا ويا، واپارين تي لاڳو ٽيڪس گھٽ ڪيا ويا، تعليمي ادارن ۽ اسپتالن ۾ سهولتون بهتر ڪرڻ جو واعدو ڪيو ويو. ايڪشن ڪميٽيءَ جو ايندڙ مطالبو اهو هو ته پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ آباد مقبوضه ڪشمير جي مهاجرن لاءِ آزاد ڪشمير جي اسيمبليءَ ۾ مختص 12 سيٽون ختم ڪيون وڃن. گذريل هفتي مظفرآباد ۾ ٻيهر ڌرڻي لاءِ سڏ ڏنو ويو. مظاهرن ۽ پوليس جي وچ ۾ ڇڪتاڻ دوران 11 ماڻهو مارجي ويا. وزيراعظم، جيڪو ان وقت پرڏيهي دوري تي هو، صورتحال ڏسي هڪ اعليٰ سطحي وفد مظفرآباد موڪليو، جنهن نتيجي ۾ حڪومت ۽ ايڪشن ڪميٽيءَ جي وچ ۾ 90 سيڪڙو مطالبن تي اتفاق ٿيو.
بيبيسي جي اردو ويب سائيٽ مطابق، حڪومت جن مطالبن کي مڃيو، انهن مان سڀ کان اهم اهو هو ته مهاجرن جون اسيمبليءَ واريون سيٽون، حتمي فيصلو اچڻ تائين، عارضي طور معطل رهنديون. ان سان گڏ حڪومت وزيرن ۽ آفيسرن جي تعداد گهٽائڻ، احتساب بيورو جي نئين ترتيب، تعليمي ادارن ۾ اوپن ميرٽ، اسلام آباد ۾ گرفتار ٿيل مظاهرين جي آزادي، نئين تعليمي بورڊ جي قيام، ۽ ميرپور ۾ جديد ايئرپورٽ جي تعمير جا مطالبا به تسليم ڪيا آهن. اهڙيءَ طرح، ڪشمير جي ماڻهن پنهنجي جدوجهد جو هڪ نئون ۽ منظم ماڊل دنيا جي اڳيان آندو آهي جيڪو شايد ايندڙ وقتن ۾ ڪشمير جي سياسي تاريخ جو نئون باب ثابت ٿئي.