دنيا انتهائي تيزيءَ سان بدلجي رهي آهي۔ جيتري رفتار سان ٽيڪنالاجي ترقي ڪري رهي آهي، اوتري ئي تيزيءَ سان دنيا غير محفوظ بڻجي رهي آهي۔ رياستي ادارا عوام جو اعتماد وڃائي رهيا آهن، جڏهن ته غير رياستي ڪردار (نان اسٽيٽ ايڪٽرز) تي عوام جو ڀروسو وڌي رهيو آهي۔ جيڪڏهن ڪنهن کي منهنجي راءِ سان اختلاف هجي ته ٻڌائي ته دنيا جي سڀ کان طاقتور ملڪ آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي تازو اعلان ڪيل “غزه امن پلان” تي غزه جي ماڻهن کي ايترا اعتراض ڇو آهن؟ ٽرمپ جي هن امن پلان کي ڪيترين ئي حڪومتن ساراهيو آهي، پر عوام کي ٽرمپ تي اعتبار ناهي۔ غزه جا ماڻهو 79 ورهين جي ٽرمپ بدران 22 ورهين جي گريٽا ٿنبرگ تي وڌيڪ ڀروسو ڪن ٿا ـ اها نه مسلمان آهي، نه فلسطيني، پر انسانيت جو آواز آهي۔ مون ڪيترن فلسطيني دوستن کان پڇيو ته ٽرمپ جي امن پلان بابت سندن راءِ ڇا آهي؟ اڪثريت جو چوڻ هو ته ٽرمپ کان ڪنهن به سُٺي عمل جي اميد نٿي رکي سگهجي۔ سندن خيال هو ته ٽرمپ ڪجهه مسلمان حڪمرانن کي پنهنجي ساٿ ۾ شامل ڪري رڳو نوبل امن انعام حاصل ڪرڻ ٿو چاهي۔ کيس شايد انعام ملي وڃي، پر فلسطيني ماڻهن کي امن نه ملندو۔
لنڊن ۾ رهندڙ هڪ مشهور فلسطيني صحافيءَ کان مون پڇيو ته جيڪڏهن ٽرمپ جي امن پلان کي قبول نٿا ڪيو ته پوءِ اوهان وٽ ٻيو ڪهڙو آپشن آهي، ڇاڪاڻ ته گڏيل قومون ته غزه ۾ سيز فائر ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي چڪيون آهن؟ ان صحافيءَ چيو ته گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل ۾ سيز فائر جي هر ڪوشش کي ٽرمپ پاڻ روڪيو، ڇو ته آمريڪا وٽ ”ويٽو پاور“ آهي۔ ٽرمپ چاهي ٿو ته سيز فائر جو سڄو ڪريڊٽ صرف کيس ملي، تنهنڪري هن اوسلو معاهدي وانگر پنهنجو نئون امن پلان آندو آهي۔ 1994ع ۾ اوسلو امن معاهدي کان پوءِ ياسر عرفات، شمعون پيريز ۽ اسحاق رابن کي نوبل امن انعام ته مليو، پر وچ اوڀر کي امن نه مليو۔ ان فلسطيني صحافي مون کي ياد ڏياريو ته 1994ع ۾ جنيوا ۾ ياسر عرفات ۽ بينظير ڀٽو جي ملاقات کان پوءِ مون کي پاڻ چيو هو ته عرفات کي خبر آهي ته کيس امن انعام ته ملي ويندو، پر فلسطيني عوام کي امن نصيب نه ٿيندو۔
فلسطيني صحافيءَ جو چوڻ هو ته ”غزه جو هولوڪاسٽ“ دنيا کي بدلائي ڇڏيو آهي، پر مسلم حڪومتن کي اڃا اهو احساس ناهي ٿيو۔ اهي اڄ به اهو ئي سوال ڪن ٿا ته جيڪڏهن ٽرمپ جو امن منصوبو قبول نٿا ڪيو ته پوءِ متبادل ڇا آهي؟ هو پاڻ ئي چوڻ لڳو: ”ها! اسان وٽ متبادل آهي گريٽا ٿنبرگ.“
مون حيران ٿي پڇيو: ”پر اها ته هڪ ماحولياتي ڪارڪن آهي، 22 ورهين جي ڇوڪري غزه کي امن ڪيئن ڏئي سگهي ٿي؟“هن چيو: ”هن ڇوڪري کي نوبل انعام سان ڪو مطلب ناهي، هن کي رڳو حقيقي امن ۽ انسانيت سان مطلب آهي۔ شايد هوءَ اسان کي امن نه ڏئي سگهي، پر هن اسان ۾ انسانيت تي اعتماد بحال ڪيو آهي۔ هن اسان کي اهو احساس ڏياريو آهي ته ڀلي ڪا رياست اسان سان گڏ نه هجي، پر دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جا بي لوث ماڻهو اسان سان گڏ بيٺل آهن، ۽ ايندڙ وقت ۾ اهي ئي ماڻهو حقيقي امن جي طاقت بڻبا۔“ اهو صحافي اصل ۾ مون کي اڳوڻي پاڪستاني سينيٽر مشتاق احمد خان بابت ڪجهه پڇڻ لاءِ فون ڪيو هو۔ هو پڪ ڪرڻ چاهيندو هو ته ڇا واقعي مشتاق احمد خان کي فلسطين جي حق ۾ آواز اٿارڻ تي پاڪستان ۾ بار بار گرفتار ڪيو ويو آهي؟ مون کيس ٻڌايو ته نه رڳو مشتاق احمد خان، پر سندس زال ۽ ٻارن کي به گرفتار ڪيو ويو، ڇاڪاڻ ته اسلام آباد جي ريڊ زون ۾ بغير اجازت مظاهري تي پابندي آهي۔ ان فلسطيني صحافي ٻڌايو ته گريٽا ٿنبرگ کي به پنهنجي ملڪ سويڊن ۾ غزه جي حمايت ۾ مظاهري دوران ٽريفڪ ۾ خلل وجھڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو ويو، ۽ جڏهن هن غزه جي بحري ناڪابندي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي ته اسرائيل کيس ٻن ڀيرا قيد ۾ وڌو۔ هن مون کان پڇيو: ”سچ ٻڌاءِ، غزه جي معاملي تي پاڪستان جا ماڻهو پنهنجي حڪومت تي وڌيڪ اعتماد ڪن ٿا يا مشتاق احمد خان تي؟“ مون چيو: ”جيڪڏهن ريفرنڊم ٿئي ۽ ماڻهن کان پڇيو وڃي ته اوهين ٽرمپ جي امن منصوبي بابت حڪومت جي موقف سان متفق آهيو يا مشتاق احمد خان جي موقف سان، ته اڪثريت مشتاق احمد خان جي حمايت ڪندي“ فلسطيني صحافي مسڪرائيندي چيو: ”سچو جواب ڏيڻ جي مهرباني۔ غزه ۽ پاڪستان جي عوام جي سوچ ۾ ڪو فرق ناهي۔ غزه وارا گريٽا ٿنبرگ تي ڀروسو ڪن ٿا، ۽ پاڪستان وارا مشتاق احمد خان تي۔“ انهن ٻنهي، ٻين ڪيترن ئي رضاڪارن سان گڏجي گلوبل صمود فلوٽيلا جي ذريعي غزه جي ناڪابندي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي۔ اها ناڪابندي ٽوڙڻ او آءِ سي ۽ گڏيل قومن جي ذميواري هئي، پر جڏهن اهي ادارا ناڪام ٿيا، تڏهن 44 ملڪن جا 500 غير رياستي رضاڪار اڳتي آيا، جن 50 بحري ٻيڙين جو قافلو تيار ڪيو ۽ غزه تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪئي۔
جڏهن اهي ٻيڙيون غزه جي سامونڊي حدن ۾ داخل ٿيون ته اسرائيلي ڪمانڊوز پهرين ڊرون حملو ڪيو، پوءِ ٻيڙين کي گهيري ۾ آڻي سڀني رضاڪارن کي گرفتار ڪري ورتو۔ گرفتاريءَ دوران کين تذليل آميز سلوڪ جو نشانو بڻايو ويو، گريٽا ٿنبرگ سان بدتميزي ڪئي وئي ۽ کيس زبردستي اسرائيلي جهنڊي کي چمڻ تي مجبور ڪيو ويو۔ گلوبل صمود فلوٽيلا شايد پنهنجي منزل تائين نه پهچي سگهيو، پر هن دنيا کي ڏيکاري ڇڏيو ته اسرائيل هڪ دهشتگرد رياست آهي، جيڪا بک کي هڪ هٿيار طور معصوم ٻارن خلاف استعمال ڪري رهي آهي۔ هن بحري قافلي ۾ اڪثر رضاڪار يورپ جا هئا، جن ۾ ڪيترائي پارليامينٽ ميمبر، آمريڪي اداڪاره سوسن سارينڊن، فرانس جي اداڪاره ايڊيل هائنل، نيلسن منڊيلا جو پوٽو مينڊلا منڊيلا ۽ بارسلونا جو اڳوڻو ميئر ادا ڪولاو شامل هئا۔ انهن جو واسطو دنيا جي مختلف ملڪن ۽ مذهبن سان هو۔ ان فلوٽيلا ۾ سڀ کان وڌيڪ مسلمان رضاڪار ترڪيءَ مان هئا (50 رضاڪار)، پوءِ تيونس جا 34، ملائيشيا جا 23، الجزائر جا 17، پاڪستان جا 5، اردن جا 3، بحرين جا 2 ۽ بنگلاديش جو 1 رضاڪار شامل هو۔ باقي رضاڪار يورپ، آمريڪا، برطانيا، برازيل، ميڪسيڪو ۽ ڏکڻ آفريقا مان هئا۔
اسرائيل کي سڀ کان وڌيڪ تڪليف انهن عيسائي ۽ يهودي رضاڪارن کان ٿي، جن جي تعداد مسلمان رضاڪارن کان وڌيڪ هئي۔ گلوبل صمود فلوٽيلا اصل ۾ دنيا جي سڀني علائقن ۽ مذهبن جي نمائندگي ڪري رهيو هو۔ مصري حڪومت پنهنجي شهرين کي ان قافلي ۾ شامل ٿيڻ جي اجازت نه ڏني، پر مصري عوام جي اڪثريت ان فلوٽيلا جي حمايت ڪندي رهي۔ هي فلوٽيلا هڪ نئون عالمي معاهدو آندو آهي، جنهن جي اهميت ٽرمپ جي ”معاهده ابراهيمي“ کان به وڌيڪ آهي۔ جن مسلم ملڪن جي حڪومتن اسرائيل سان معاهدو ابراهيمي ڪري کيس تسليم ڪيو آهي، انهن ملڪن جا عوام اهو معاهدو قبول نٿا ڪن۔ اهي گريٽا ٿنبرگ جي ”نئين انساني معاهدي“ سان گڏ بيٺل آهن ـ هڪ اهڙو معاهدو جنهن جو مقصد نوبل انعام حاصل ڪرڻ نه، پر دنيا ۾ حقيقي امن ۽ انصاف آڻڻ آهي۔