غزا (م ڊ) قابض اسرائيلي فوج جا غزا تي وحشياڻا حملا جاري، جتي هڪ ڏينهن دوران شهيدن جو انگ 19 تائين پهچي ويو ، قطر جي نشرياتي اداري الجزيرا موجب اسرائيلي فوج هٿين خالي شهرين جي خيمن، پناهگير ڪيمپن ۽ اسڪولن ۾ حملو ڪيو، جڏهن ته امداد جي انتظار ۾ بيٺل ٻن شهرين کي به شهيد ڪيو ويو، غزا جي صحت واري وزارت چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ خوراڪ جي کوٽ سبب هڪ ٻيو شهيد ٿيو، جنهن بعد جنگ دوران خوراڪ جي کوٽ سبب شهيد ٿيندڙن جو انگ 460 ٿي ويو آهي، جن ۾ 154 ٻار شامل آهن، زميني حالتن ۾ ڪا به تبديلي نه آئي، شهرين موجب ٽرمپ جي امن معاهدي باوجود حملا جاري رکيا ويا آهن.