پسني بندرگاهه،خطي ۾ نئين عالمي راند جي شروعات؟

اسلام آباد(علي مصطفيٰ)ناليواري معاشي ماهر جاويد حسن پسني بندرگاهه واقعي آمريڪا  کي ڏيڻ جي  آڇ واقعي ڪئي وئي آهي ته اها هڪ انتہائی حساس ۽ اهم اسٽريٽجڪ خبر آهي، ڇاڪاڻ⁠تہ چين جا مفاد گوادر ۾ آهن، ايران ويجهو آهي، ۽ آمريڪي موجودگي خطي ۾ نئين اسٽريٽجڪ توازن کي جنم ڏئي سگهي ٿي۔ جاويد حسن چيو ته  رپورٽ موجب هي تجويز آرمي چيف پاڻ نه پر هن جي ڪجهه غير رسمي صلاحڪارن طرفان پيش ڪئي وئي آهي، ۽ اها تجويز اڃا آمريڪي ڪابينا يا صدر ڊونلڊ ٽرمپ تائين نه پهتي آهي۔ تنهنڪري هن چيو ته اسان کي تمام احتياط سان ۽ تصديق سان ڳالهه ڪرڻ گهرجي۔هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن پاڪستان واقعي پسني جهڙي حساس علائقي ۾ آمريڪي پورٽ جي اجازت ڏئي ٿو ته پوءِ چين ۽ ايران ٻنهي جي سخت ردعمل جو امڪان آهي، جيڪڏهن هڪ ٻي بندرگاهه کولي وئي ته پاڪستان جا وسيلا ۽ فوجي تحفظ جا خرچ ٻيڻا ٿي وينداسوال اڃا به قائم آهي ته هي معاملو يقيناً خطي ۾ هڪ نئين “عالمي راند” جي شروعات جو اشارو ڏئي سگهي ٿو

آمريڪا کي پسني بندرگاهه ڏيڻ سان چين ۽ ايران پريشان ٿيندا:مشاهد حسين

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)پسني بندرگاهه آمريڪا حوالي ڪرڻ وارن اطلاعن تي ن ليگ اڳواڻ مشاهد حسين سيد چيو آهي ته هي خيال تمام خراب آهي، ۽ هن وقت تي ان جو پيش ٿيڻ انتهائي غيرمناسب آهي، ڇاڪاڻ⁠تہ سڄو خطو اڳ ئي غير يقيني حالتن مان گذري رهيو آهي،هن چيو ته اهو خيال ٻن سادن پر اهم سببن جي ڪري بلڪل بي معنيٰ لڳي ٿوهڪ  پَسني گوادر کان صرف 100 ميل پري آهي، جيڪو سي پيڪ جو مرڪزي نقطو آهي، ۽ ايران کان به لڳ ڀڳ 100 ميل جي مفاصلي تي واقع آهي۔ٻيون، جيڪڏهن آمريڪا پاران پَسني ۾ هڪ پورٽ هلائڻ جي تجويز سامهون اچي ٿي، ته اها ڳالهه پاڪستان جي ٻن اهم دوست ملڪن، چين ۽ ايران لاءِ انتهائي ڳڻتي جو سبب بڻجي سگهي ٿي۔اها صورتحال پاڪستان لاءِ ڪنهن به صورت ۾ برداشت ڪرڻ جهڙي نه هوندي، خاص طور تي جڏهن صدر ٽرمپ اڳ ئي افغانستان ۾ بگرام ايئربيس کي ٻيهر آمريڪي فوجي اڏي طور حاصل ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪري چڪو آهي۔

پسني بندرگاهه بابت آمريڪا سان ڪا ڳالهه ناهي ٿي:سيڪيورٽي ذريعا

اسلام آباد (بيورو) سيڪيورٽي ذريعن واضح ڪيو آهي ته پاڪستان  طرفان پسني پورٽ بابت ڪا به آڇ نه ڪئي وئي آهي ۽ نه ئي اهڙي ڪنهن تجويز تي سرڪاري يا حڪومتي سطح تي غور ڪيو ويو، سيڪيورٽي ذريعن موجب وائٽ هائوس يا ڪنهن آمريڪي اداري سان پسني پورٽ  بابت ڪنهن به قسم جي ڳالهه نه ٿي آهي، خانگي شعبي ۾ ٿيندڙ ڳالهيون جن ۾ غير ملڪي ڪمپنين سان رابطا شامل آهن، رڳو  شروعاتي ڪاروباري نوعيت جون ڳالهيون آهن، اهي سرڪاري قدم نه آهن ۽ نه ئي پاڪستان جي رياستي پاليسي جي نمائندگي ڪن ٿيون، لاڳاپيل خبر ۾ خانگي خيال کي رياستي تجويز طور پيش ڪيو ويو، جيڪو درست نه آهي،  ميڊيا کي گهرجي ته اهڙين خبرن جي درستگي لاءِ آءِ ايس پي آر کان تصديق ڪري، رپورٽ ۾ چيو ويو ته هي منصوبو سرڪاري پاليسي نه آهي، پر ساڳئي وقت ان کي آرمي چيف جي ايجنڊا سان ويجهو ڏيکاريو ويو، جيڪو تضاد آهي، رپورٽ ۾ غير سرڪاري ۽ خانگي ۽ سرڪاري ذريعن جا حوالا گڏ ڏنا ويا، جنهن سان غلط فهمي پيدا ٿي، رپورٽ ۾ پاڻ تسليم ڪيو ويو ته پسني جو تصور خانگي ۽ غير سرڪاري آهي پر ان باوجود هڪ آمريڪي عملدار کان تصديق وٺي خبر ۾ شامل ڪئي وئي، جيئن ڪو سرڪاري عمل هلندڙ هجي جيڪو تضاد آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.