غزا تي اسرائيلي حملا جاري، وڌيڪ 19 فلسطيني شهيد

غزا (م ڊ) قابض اسرائيلي فوج جا غزا تي وحشياڻا حملا جاري، جتي هڪ ڏينهن دوران شهيدن جو انگ 19 تائين پهچي ويو ، قطر جي نشرياتي اداري الجزيرا موجب اسرائيلي فوج هٿين خالي شهرين جي خيمن،  پناهگير ڪيمپن ۽ اسڪولن ۾ حملو ڪيو، جڏهن ته امداد جي انتظار ۾ بيٺل ٻن شهرين کي به شهيد ڪيو ويو، غزا جي صحت واري وزارت چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ خوراڪ جي کوٽ سبب هڪ ٻيو شهيد ٿيو، جنهن بعد جنگ دوران خوراڪ جي کوٽ سبب شهيد ٿيندڙن جو انگ 460 ٿي ويو آهي، جن ۾ 154 ٻار شامل آهن، زميني حالتن ۾ ڪا به تبديلي نه آئي، شهرين موجب ٽرمپ جي امن معاهدي باوجود حملا جاري رکيا ويا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.