ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آهي ته ابراهيم اڪارڊ کان ويندي ٽرمپ امن معاهدي تائين، مزاحمتي تحريڪ حماس کي ختم ۽ صيهوني بالادستي جو خواب ڪڏهن به پورو نه ٿيندو، ڌرتيءَ ڌڻين کي بي دخل ڪري ڏنڊي جي زور تي والار ڪندڙن جي حمايت ڪرڻ سراسر ناانصافي آهي. فلسطين فلسطينين جو آهي. ڪو به ٻه رياستي حل قابل قبول ناهي، ظالم ۽ مظلوم جي جنگ ۾ خاموش تماشائي بڻجڻ اصل ۾ ظالم جي حمايت ڪرڻ جي برابر آهي، اجتماع جي تيارين جي حوالي سان قبا آڊيٽوريم ۾ ڪوٺايل ميڊيا ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته غزا ۾ انسانيت جي قتل عام جي سرپرست ٽرمپ کي نوبل انعام لاءِ نامزد ڪرڻ شرمناڪ ۽ شهيدن جي رت سان غداري آهي، حڪومت کي هوش ۾ اچڻ گهرجي ۽ فيصلو واپس وٺڻ گهرجي، ورلڊ بينڪ جي سامهون سنڌ حڪومت جو اھو اعتراف ته سنڌ جي ڳوٺاڻي آباديءَ جو 90سيڪڙو گدلو پاڻي استعمال ڪري ٿو، صاف پيئڻ جو پاڻي عياشي نه پر ماڻهن جو بنيادي انساني حق آهي، جنهن جي فراهمي رياست جي ذميواري آهي. گدلو پاڻي واپرائڻ جي ڪري مختلف بيماريون پکڙجي رهيون آهن.