جاپان ۾ پهريون ڀيرو عورت اڳواڻ جي وزيراعظم بڻجڻ جو امڪان

ٽوڪيو (م ڊ) جاپان جي حڪمران لبرل ڊيموڪريٽڪ پارٽي اڳوڻي معاشي سلامتي واري وزير سنائي تاڪائيچي کي نئين پارٽي اڳواڻ چونڊي ورتو، جنهن سان ملڪ ۾ پهرين عورت وزيراعظم بڻجڻ جو رستو هموار ٿي ويو آهي. عالمي ميڊيا جي رپورٽن موجب پارلياماني ووٽنگ وچ آڪٽوبر ۾ ٿيندي، جتي حڪمران پارٽي جي اڪثريت سبب تاڪائيچي جو وزيراعظم ٿيڻ گهڻو ڪري يقيني آهي. تاڪائيچي پارٽي جي رن آف اليڪشن ۾ زراعت واري وزير شينجيرو ڪوئزومي کي شڪست ڏني، جيڪو اڳوڻي وزيراعظم جونيچيرو ڪوئزومي جو پٽ ۽ نوجوان ووٽرن ۾ مقبول شخصيت آهي. جاپان ۾صنفي برابري اڃا تائين پٺتي آهي، اتي هڪ عورت جو وزيراعظم جي عهدي تائين پهچڻ هڪ تاريخي اڳڀرائي قرار ڏنو پيو وڃي. تجزئي نگارن موجب تاڪائيچي جي قدامت پسند پاليسين تي قومي سطح تي نئون بحث شروع ٿي سگهي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.