خضدار ۾ سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن، 14 دهشتگرد مارجي ويا

خضدار (م ڊ) بلوچستان جي ضلعي خضدار ۾ سيڪيورٽي فورسز طرفان ڪامياب آپريشن دوران فتنه الهندستان تنظيم  جا 14 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته 20 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، سيڪيورٽي ذريعن موجب فورسز خضدار جي علائقي زھري ۾ پرامن شهرين کي هراسان ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي، آپريشن دوران فورسز دهشتگردن جي ڪيترن ئي ٺڪاڻن کي تباهه ڪيو، ذريعن ٻڌايو ته فتنه الهندستان جا 14 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 20 کان وڌيڪ زخمي ٿيا، زھري جي ماڻهن ڪامياب آپريشن تي خوشي جو اظهار ڪيو ۽ پاڪ فوج جي حق ۾ نعرا هنيا، سيڪيورٽي ذريعن چيو ته فورسز عوام جي تحفظ لاءِ دهشتگردن جي خاتمي لاءِ هر وقت تيار آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.