پرڏيهي سيڙپڪاري خواب بڻيل،ڪاغذي ڪاميابيون ۽ حقيقي ناڪاميون، معيشت جو الميو آهي

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)بريف پاڪستان جي تجزيي مطابق پاڪستان ۾ غير ملڪي سيڙپڪاري جي حوالي سان حڪومتي دعوائن ۽ زميني حقيقتن جي وچ ۾ هڪ واضح خال موجود آهي۔ پروڪٽر اينڊ گيمبل جهڙي عالمي ڪمپني جي ملڪ مان نڪرڻ بعد رياستي حلقن هن پيش رفت تي سنجيده غور ڪرڻ بدران هڪ اهڙي فهرست سامهون آندي جنهن ۾ ٻارهن نون غير ملڪي سيڙپڪارن جا نالا شامل هئا۔ سعودي آرامڪو، وافي انرجي، اتصالات، شنگھائي اليڪٽرڪ، گن وور گروپ، بيريڪ گولڊ ۽ ٻين ڪمپنين جو حوالو ڏنو ويو ته جيئن اهو تاثر ڏنو وڃي ته جيڪڏهن ڪجهه ڪمپنيون پيا وڃن ته ڪيتريون ٻيون اچي رهيون آهن ۽ پاڪستان سيڙپڪاري لاءِ کليل آهي۔ پر هن فهرست جي ويجهي جائزي مان اها حقيقت ظاهر ٿئي ٿي ته اڪثر نالا يا ته رڳو ڪاغذي آهن، يا پراڻن سودن جي بازگشت آهن، يا وري قانوني دٻاءَ ۾ ڏنل رعايتن کي سيڙپڪاري جو نالو ڏنو پيو وڃي۔سعودي آرامڪو جي انٽري کي نئين سيڙپڪاري طور پيش ڪيو ويو، حالانڪه اهو صرف گيس اينڊ آئل پاڪستان جي اڳ ۾ موجود ٻارهن سئو فيول اسٽيشنز جي چاليهه سيڪڙو حصص جي خريد هئي۔ هن سان نه نوان اثاثا ٺهيا، نه روزگار پيدا ٿيو ۽ نه ئي معيشت جي پيداواري صلاحيت ۾ واڌارو ٿيو۔ ساڳي صورتحال گن وور گروپ جي معاهدي جي به آهي، جنهن ٽوٽل انرجيز جي اٺ سئو اسٽيشنز ۾ پنجاهه سيڪڙو حصص خريديا۔ شنگھائي اليڪٽرڪ سان نون سالن تائين هلندڙ ڪي-اليڪٽرڪ جو سودا آخرڪار سيپٽمبر 2025 ۾ ناڪام ٿي ويو، جنهن جي بنيادي سبب پاڪستان جو ناقابل عمل ڪاروباري ماحول ۽ ريگيوليٽري رڪاوٽون هيون جيستائين پاڪستان پنهنجا ڍانچائي مسئلا، گردشي قرضا، سلامتي جا خطرا ۽ پاليسي جي غير يقيني صورتحال کي حل نه ڪندو، حقيقي سيڙپڪاري نه ايندي.

عالمي ڪمپنين جي پاڪستان مان اڏام،حڪومت پاران جاچ

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز)وزيراعظم شهباز شريف جي واپار لاءِ ڪوآرڊينيٽر رانا احسان افضل چيو آهي ته حڪومت ملڪي  صنعتي ادارن سان رابطا ڪري  سندن مسئلا حل ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي،مون گل احمد ٽيڪسٽائل ڪمپني سان رابطو ڪيو آهي ۽ پروڪٽر اينڊ گيمبل سان به رابطي جي ڪوشش جاري آهي، جيئن پيداوار ۾ گهٽتائي يا مالي دٻاءَ جا حقيقي سبب معلوم ڪري سگهجن۔هن چيو ته پاڪستان ۾ پيداوار جي لاڳت ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي، پر حڪومت جي ڪوشش آهي ته ان ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي۔” ان سلسلي ۾ وزيراعظم اڳ ۾ ئي صنعتي شعبي لاءِ بجلي جي قيمت 16 سينٽ في يونٽ مان گھٽائي 12 سينٽ في يونٽ ڪئي آهي۔ٻئي پاسي معاشي  ماهرن جو چوڻ آهي ته پيداوار جي وڌندڙ لاڳت سبب پاڪستان ۾ هاڻي مينوفيڪچرنگ جو عمل اقتصادي طور قابلِ عمل نه رهيو آهي۔معاشي ماهر علي خضر بي بي سي اُردو سان ڳالهائيندي چيو ته “بجلي، گيس، ٽيڪس، فنانسنگ ۽ خام مال جي قيمتن ۾ لڳاتار اضافي سبب هاڻي صورتحال اهڙي بڻجي وئي آهي جو پاڪستان ۾ پيداوار جاري رکڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي ويو آهي،ماهرن جو خيال آهي ته جيڪڏهن حڪومت توانائي، ٽيڪس ۽ وياج جي شرح ۾ رعايتون نه آنديون ته ايندڙ مهينن ۾ وڌيڪ ڪمپنيون به پنهنجو ڪاروبار بند ڪرڻ يا ٻاهر منتقل ڪرڻ تي مجبور ٿي سگهن ٿيون۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.