ماڙي پيٽروليم ڪمپني هوڏ تان نه لٿي، روزگار لاءِ شاگردن جو ڌرڻو جاري

ميرپور ماٿيلو (رپورٽ: علي وسير) ماڙي پيٽروليم گئس ڪمپني جي مک گيٽ آڏو روزگار لاءِ شاگردن جو سورھين ڏينهن به ڌرڻو جاري، ماڙي پيٽروليم گيس ڪمپني انتظاميه ڊپٽي ڪمشنر گھوٽڪي  .جي چرچ تي پوليس جي بي رحماڻي تشدد شيلنگ باوجود ماڙي پيٽروليم گيس ڪمپني جي مک گيٽ آڏو ٽريننگ ڪرايل شاگردن جو روزگار لاءِ سورھين ڏينهن به ڌرڻو جاري رهيو، سياسي سماجي اڳواڻن صحافين قوم پرست ۽ وڪيل برادري جي اڳواڻن پڻ احتجاجي ڌرڻي ۾ شرڪت ڪري شاگردن سان حق ملڻ تائين ساٿ ڏيڻ جو وچن ڪيو، شاگرد اڳواڻن علي مراد مھر حفيظ پنھيار  ۽ ٻين چيو ته افسوس جو مقام آھي جو وڏن کان وٺي گذريل اڌ صدي کان جن گھوٽڪي ضلعي جي نااھل چونڊيل نمائندن کي ووٽ ڏيون پيا پر هن وقت تائين گھوٽڪي ضلعي جا چونڊيل نمائندا اسان وٽ لڙي نه آيا آهن، ھاڻ اسان به ٻيھر ووٽ سوچي سمجھي ڏينداسين، ڪمپني انتظاميه روزگار ڏيڻ بدران پنھجي ٽائوٽ بڻايل ڊپٽي ڪمشنر گھوٽڪي پوليس معرفت اسان تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي حملا ڪرايا ۽ هراسان ڪيو پيو وڃي، سموري زندگي ڌرڻو ھڻڻو پيو ته ھڻنداسين پر جيستائين اسان کي روزگار نٿو ملي ايستائين ماڙي پيٽروليم گيس ڪمپني ڪھڙا به حربا استعمال ڪري اسان ڌرڻو ختم نه ڪندا سين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.