اسلام آباد (بيوروڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي چيئرمين بئريسٽر گوهر پشاور هاءِ ڪورٽ جي عمر ايوب ۽ شبلي فراز کي نااهل قرار ڏيڻ جي فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ وڪيل جي حيثيت سان چئلينج ڪري ڇڏيو. پشاور هاءِ ڪورٽ شبلي فراز ۽ عمر ايوب کي نااهل قرار ڏيڻ جي فيصلي تي اسٽي آرڊر جاري ڪيو هو. پهرين آڪٽوبر تي پشاور هاءِ ڪورٽ اسٽي آرڊر ختم ڪري ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي. پشاور هاءِ ڪورٽ عمر ايوب کي مجاز فورم جي سامهون سريندڙ ڪرڻ جي هدايت به ڪئي.