اسرائيلي فوج فلسطيني شهرين کي واپس وڃڻ کان روڪي ڇڏيو

يروشلم (م ڊ) اسرائيلي فوج پاران فلسطيني ماڻهن کي نئين ڌمڪي ڏني وئي آهي ته هو پنهنجن علائقن ڏانهن واپس نه وڃن، ڇو  ته اها سندن زندگيءَ لاءِ خطري کان خالي نه هوندي، آمريڪي صدر جي 20 نڪاتي امن منصوبي تي رضامندي کان پوءِ اسرائيل هڪ نئون يو ٽرن ورتو آهي ۽ فلسطيني شهرين کي سندن گهر موٽڻ کان روڪي ڇڏيو آهي، عالمي خابرو ادارن موجب اسرائيلي فوج غزا شهر بابت عربي ٻولي ۾ سخت ڌمڪي ڏني آهي ته واپس وڃڻ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو ۽ حياتي بچائڻ لاءِ واپس نه وڃو، فوج وڌيڪ چيو ته غزا جي انهن علائقن ۾ فضائي ۽ زميني ڪارروايون جاري رهنديون، جتي عام شهري به نشانو بڻجي سگهن ٿا، پناهگير ڪئمپن ۾ ٿيل تازن حملن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 7 فلسطيني شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.