اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف غزا ۾ امن لاءِ حماس جي جواب جي آجيان ڪئي آهي. وزيراعظم ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ /چيو ته الحمد الله اسان جنگ بندي جي هڪ اهڙي نقطي جي ويجهو آهيون جتي اسان هن نسل ڪشي جي شروعات کان وٺي ڪڏهن به نه پهچي سگهيا آهيون. پاڪستان هميشه فلسطيني عوام سان گڏ بيهڻ لاءِ پرعزم رهيو آهي ۽ هميشه انهن سان گڏ بيهڻ جو عزم ڪيو آهي. هن لکيو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان گڏوگڏ قطر، سعودي عرب، گڏيل عرب امارتن، ترڪيا، اردن، مصر ۽ انڊونيشيا جي قيادت جا ٿورا مڃڻ لازمي آهي جن فلسطيني مسئلن جي حل لاءِ گڏيل گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 80هين اجلاس جي موقعي تي صدر ٽرمپ سان ملاقات ڪئي. حماس جي جاري ڪيل بيان جنگ بندي ۽ امن جي قيام لاءِ هڪ موقعو ڏنو آهي . جنهن کي ڪنهن صورت ضايع نه ٿيڻ ڏيڻ گهرجي. پاڪستان صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي اعلانيل منصوبي تي حماس جي رد عمل جي آجيان ڪندي چيو ته فوري جنگ بندي کي يقيني بڻايو وڃي، غزا ۾ معصوم فلسطينين جي رتوڇاڻ کي روڪيو وڃي، يرغمالين ۽ فلسطيني قيدين جي آزادي عمل ۾ آندي وڃي، انساني همدردي جي بنياد تي امداد جي بنا رنڊڪ فراهمي يقيني بڻائي وڃي ۽ جٽادار امن لاءِ هڪ اعتماد جوڳي سياسي عمل جا رستا کوليا وڃن، اسرائيل کي فوري طور تي حملا بند ڪرڻ گهرجن. پرڏيهي کاتي جي بيان موجب، پاڪستان غزا ۾ امن لاءِ صدر ٽرمپ جي ڪوششن جي تعريف ڪري ٿو ۽ اميد ڪري ٿو ته هي هڪ جٽادار جنگ بندي ۽ منصفاڻي، جامع ۽ جٽادار امن جو سبب بڻجندو.