اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف آزاد ڪشمير ۾ ڳالهين جي عمل جي ڪاميابي جي آجيان ڪندي چيو ته سازشون ۽ افواهه نيٺ ختم ٿي ويا. وزيراعظم شهباز شريف ڳالهين واري ڪميٽي جي ميمبرن کي ڀيٽا پيش ڪئي ۽ چيو ته امن جي قيام ۽ صورتحال جي معمول تي واپسي خوش آئند آهي. سڀئي مسئلا سهڻي نموني حل ٿي ويا آهن، حڪومت ڪشميري ڀائرن جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ هميشه تيار آهي. وزيراعظم چيو آهي ته عوامي مفاد ۽ امن ترجيح آهن، اسان آزاد ڪشمير جي خدمت جاري رکنداسين، اسان ڪشميري ڀائرن کي درخواست ڪريون ٿا ته افواهن تي ڌيان ڏيڻ کان پاسو ڪن، اسان ماضي ۾ به ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي حقن جا محافظ هئاسين ۽ اڳتي به رهنداسين.