سنڌ مريم نواز کي ڪئنال ٺاهڻ نه ڏيندي: نثار کهڙو/مريم کان ڊنل صوبائيت جو ڪارڊ کيڏي رهيا آهن:پنجاب حڪومت

ڪراچي(رپورٽر)پيپلز پارٽي پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز جي تڪراري ڪئنال منصوبي بابت ريمارڪس کي سي سي آءِ جي فيصلي جي خلاف ورزي ۽ آئيني فورم جي توهين قرار ڏيندي مسلم ليگ ن جي قائد واز شريف کان مريم نواز جي بيانن جو نوٽيس وٺڻ ۽ پارٽي پاليسي واضع ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي ۽ پنجاب حڪومت کان ٻوڏ متاثرن کي ڏني ويندڙ امداد قوم سامهون ظاهر ڪرڻ جو پڻ مطالبو ڪيو آهي. اهڙو مطالبو پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز جي ريمارڪس تي ردعمل ڏيندي ڇنڇر ڏينهن پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو آهي. هن چيو آهي ته سي سي آءِ جو آئيني فورم تڪراري ڪئنال منصوبي کي رد ۽ دفن ڪري چڪو آهي ۽ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز سي سي آءِ جي آئيني فورم کان مٿانهين ناهي ۽ مريم نواز جي اڪيلي سِر سي سي آءِ جي مقابلي ۾ ڪا به حيثيت ناهي. هن چيو ته سي سي آءِ جو اِهو متفقه فيصلو آهي ته جيسيتائين سڀ صوبا اتفاق نه ڪندا تيسيتائين ڪو به ڪئنال منصوبو نه ٺهندو ۽ سنڌ کي ڪنهن کي به صورت ۾ تڪراري ڪئنالن وارو منصوبو قبول ناهي. نثار کهڙو چيو ته مريم نواز تڪراري ڪئنالن بابت ريمارڪس ڏئي سي سي آءِ جي فيصلي جي خلاف ورزي ۽ آئيني فورم جي توهين ڪري رهي آهي. هن چيو ته مريم نواز کي پنهنجي صوبي اندر پنهنجي دريائن تي پنهنجي پاڻيءَ سان ڊيم ٺاهڻ کان ڪنهن به ناهي روڪيو پر سنڌو درياهه تي لنڪ ڪئنال ۽ ڊيم ٺاهڻ جي ڳالهه ڪئي ويندي ته سنڌ نواز شريف کي ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ نه ڏنو ته پوءِ مريم نواز جي ڪهڙي حيثيت آهي. هن چيو ته سنڌ صوبو پنهنجي سنڌو درياهه جي پاڻيءَ تي ڪنهن کي به ڌاڙو هڻڻ نه ڏيندو نه ئي سنڌو درياهه تي ڪنهن کي ڊيم ٺاهڻ ڏينداسين. هن چيو ته آئيني طور تي پاڻيءَ تي پهريان حق پڇڙي واري صوبي سنڌ جو آهي ۽ سنڌ جي پاڻيءَ تي حملو سنڌ ۽ ملڪ جي وحدت تي حملو تصور هوندو. نثار کهڙو چيو ته نواز شريف ۾ سياسي سمجهه هئي جنهن ماضيءَ ۾ ڪالاباغ ڊيم جو اعلان واپس ورتو پر مريم نواز ۾ سياسي سمجهه ناهي ان لاءِ هوءَ آئيني فورمن جي توهين ڪري رهي آهي ان لاءِ مسلم ليگ ن جو قائد نواز شريف آهي، مريم نواز ناهي ان ڪري نواز شريف مريم نواز جي بيانن جو نوٽيس وٺي ۽ ان بابت پارٽي پاليسي واضع ڪري. نثار کهڙو چيو ته پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز پيپلز پارٽيءَ جي پنجاب ۾ وڌندڙ مقبوليت کان خوفزده آهي ان لاءِ هوءَ پنجاب ۾ ٻوڏ متاثرن کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ذريعي رليف ڏيڻ جي عمل جي مخالف آهي. هن چيو ته پنجاب ڪنهن جماعت جي جاگير ناهي، پيپلز پارٽيءَ سميت هر سياسي جماعت کي پنجاب ۾ سياسي سرگرميون ڪرڻ جو حق حاصل آهي. هن چيو ته مريم نواز جي پنجاب جي ٻوڏ متاثرن کي امداد ۽ رليف پهچائڻ جي ڪارڪردگي جي دعويٰ صرف ٽي وي چئنلن تائين محدود آهي ڇاڪاڻ ته پنجاب جا ٻوڏ متاثر اڃان تائين امداد ۽ رليف لاءِ انتظار ڪري ٿڪجي پيا آهن جنهن سان ظاهر ٿي رهيو آهي ته پنجاب جي وڏي وزير جي ٻوڏ متاثرن کي امداد پهچائڻ جي کوکلي دعوائن جو پول کلي چُڪو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن پنجاب جي وڏي وزير ٻوڏ متاثرن کي مڪمل رليف ۽ امداد پهچائي رهي آهي ته اُهو قوم سامهون ظاهر ڪيو وڃي. هن چيو ته پنجاب حڪومت ٻوڏ جي پاڻيءَ کي ڦهلائڻ لاءِ هڪ منصوبه بندي سان ڪٽ لڳرائي غريب هارين ۽ انهن جي فصلن کي ٻوڙايو ۽ امير طبقي جي بنگلن کي بچايو آهي.

لاهور(بيورو)پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته ڪنهن به صوبائي معاملي ۾ ٻئي صوبو مداخلت ڪري ٿو ته  اهو سڌي ريت آئين جي ڀڃڪڙي آهي، جڏهن⁠ته پاڪستان پيپلز پارٽي پنجاب جي معاملن ۾ مداخلت ڪري پنهنجن آئيني اختيارن کان وڌي رهي آهي۔پيپلز پارٽي جي اڳواڻن جي بيانن تي ردعمل ڏيندي عظمیٰ بخاري چيو ته جيڪي اڳ هر ڳالهه تي “مرسُو مرسُو” جا نعرا هڻندا هئا، اهي هاڻي صوبائيت جو ڪارڊ کيڏي رهيا آهن۔ “ڇا توهان پنهنجا حواس وڃائي ويٺا آهيو يا مريم نواز جي وڌندڙ مقبوليت کان ڊڄي ويا آهيو؟”هن چيو ته ٻه هفتا اڳ تائين ميڊيا توهان جي ڪنهن ڳالهه کي اهميت نه ٿي ڏني، ۽ هاڻي توهان پنجاب جي سيلاب متاثرن ۽ هارين تي فقره بازي ڪري صرف خبرن ۾ اچڻ جي ڪوشش پيا ڪريو۔عظمیٰ بخاري واضح ڪيو ته “سندھ ۾ توهان جي حڪومت آهي، اتي توهان هارين کان گندم ڇو نه خريد ڪئي؟” هن چيو ته پنجاب ۾ رهندي سنڌ جي وڏيرن جي غلامي ڪيتري دير تائين ڪندا رهندؤ؟ پنجاب کي پنهنجو پاڻي استعمال ڪرڻ لاءِ ڪنهن ٻئي صوبو کان اجازت وٺڻ جي ضرورت ناهي، ڇو⁠ته پنجاب جي وسيلن تي پهريون حق پنجاب جي عوام جو آهي۔صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته مريم نواز پنجاب جي هارين کي سندن پاڻيءَ جو حق هر صورت ۾ ڏياريندي۔ “مريم نواز جڏهن پنجاب جي عوام جي حق جي ڳالهه ڪري ٿي ته توهان کي تڪليف ڇو ٿئي ٿي؟”عظمیٰ بخاري چيو ته جنهن صوبه ۾ پيپلز پارٽي گذريل 17 سالن کان حڪومت ڪري رهي آهي، اتي اڃا تائين مسئلن جا انبار لڳل آهن۔ پنجاب جا ماڻهو اهو نه وساريندا ته جڏهن هو ڏکين حالتن مان گذري رهيا هئا ته پيپلز پارٽي انهن جي ڏکن جو مذاق اڏايو۔ “پنجاب جا ماڻهو پيپلز پارٽي جو اهو منفي رويو ڪڏهن به نه وساريندا।”

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.