اسلام آباد (بيورو) ننڍي عمر جي شادي بابت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو وڏو فيصلو سامهون اچي ويو، عدالت 15 ورهين جي ڇوڪريءَ کي پنهنجي مڙس سان گڏ رهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اعظم خان ننڍي عمر جي شادي بابت ڪيس ۾ 24 صفحن تي ٻڌل لکت فيصلو جاري ڪيو، عدالت پنهنجي فيصلي ۾ لکيو ته ننڍي عمر جي شادي شريعت ۾ باطل ناهي، پر قانون تحت ڏوهه آهي، مديحا بي بي عدالت ۾ ڏنل بيان ۾ والدين وٽ نه وڃڻ ۽ مڙس سان گڏ رهڻ جي خواهش ظاهر ڪئي، ڪرائسز سينٽر ۾ قيام دوران به ڇوڪريءَ پنهنجي مرضي سان مڙس سان گڏ رهڻ جو چيو، شريعت موجب بلوغت ۽ رضامندي کانپوءِ نڪاح درست آهي.
-
ايٿوپيا ۾ تعمير هيٺ چرچ جي عمارت ڪِرڻ سبب 25 ڄڻا فوت
ايڊس ابابا (م ڊ) آفريقي ملڪ ايٿوپيا ۾ تعمير هيٺ چرچ جي عمارت ڪِرڻ سبب گهٽ ۾ گهٽ 25 ڄڻا فوت ٿي ويا، پرڏيهي ميڊيا موجب ايٿوپيا جي علائقي احمارا ۾ تعمير هيٺ هڪ چرچ جي عمارت ڪرڻ سبب 25 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا، پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ماڻهو عبادت لاءِ گڏ ٿيا هئا ته اهو حادثو پيش آيو.