رباط(م ڊ) مراڪش ۾ نوجوانن جا حڪومت مخالف مظاهرا شدت اختيار ڪري ويا، پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، مراڪش جي گادي واري شهررباط سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ آن لائن گروپ "GenZ 212“ جي سڏ تي نوجوان وڏي انگ ۾ روڊن تي نڪري آيا، جنهن جي نتيجي ۾ پوليس ۽ مظاهرين جي وچ ۾ چڪريون ٿيون. مظاهرين جا مطالبا آهن ته سرڪاري پئسو نون فٽبال اسٽيڊيمن تي خرچ ڪرڻ بدران تعليم، صحت ۽ ڪرپشن جي خاتمي تي لڳايو وڃي. مراڪش جي ڏکڻ وارن علائقن ۾ مظاهرن دوران ڪجهه بينڪن ۽ گاڏين کي باهه ڏني وئي، جنهن سبب درجنين ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب، **ڪاسابلانڪا ۾ هاءِ وي بند ڪندڙ 24 نوجوانن جي خلاف جاچ پڻ شروع ڪئي وئي آهي.ٻئي طرف، مراڪشي حڪومت اعلان ڪيو آهي ته اسان نوجوانن سان ڳالهه ٻولهه ذريعي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.