غزا (م ڊ) فلسطيني مزاحمتي تحريڪ حماس آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي غزا بابت 20 نڪاتي امن منصوبي ۾ ترميم جو مطالبو ڪري ڇڏيو، غير ملڪي خبر ايجنسي موجب، حماس جي قيادت جا ويجها ذريعا چون ٿا ته منصوبي جي ”هٿيار ڦٽا ڪرڻ واري شق“ ۾ تبديلي گهرجي،
حماس اسرائيل جي مڪمل نيڪالي ۽ پنهنجي اڳواڻن جي قتل نه ٿيڻ بابت عالمي ضمانتن جو به مطالبو ڪيو، ذريعن جو چوڻ آهي ته حماس کي جواب ڏيڻ لاءِ ٻه کان ٽي ڏينهن گهربل آهن، ياد رهي ته ٽرمپ چيو هو جيڪڏهن حماس منصوبي کي نه مڃيندي ته سخت نتيجا ڀوڳڻا پوندا، ٽرمپ جي امن منصوبي موجب حماس جا جنگجو مڪمل طور غير مسلح ٿيندا ۽ کين مستقبل جي حڪومت ۾ ڪو ڪردار نه ملندو.