ڪراچي بار پاران مريم نواز جي بيان تي احتجاج جو الٽيميٽم

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي بار پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز شريف جي بيان جي سخت مذمت ڪئي آهي. سيڪريٽري جنرل رحمان ڪورائي چيو آهي ته اهڙا جملا نه رڳو غير آئيني آهن پر ملڪ جي سالميت لاءِ به خطرو آهن. پنجاب جي وزيراعليٰ صوبن کي هڪ ٻئي جي خلاف ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هن چيو ته  مريم نواز جو قدم وفاق کي نقصان پهچائي سگهي ٿو،کيس فوري طور تي پنهنجو بيان واپس وٺڻ گهرجي،هن بيان واپس نه ورتو ته عدالتن آڏو ڪارا جهنڊا کڻي احتجاج ڪيو ويندو،عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪيو ويندو ۽ قومي سطح تي وڪيل ڪنوينشن ڪوٺائي آئنده جي لائحه عمل جو اعلان ڪيو ويندو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.